ڀِتِ پيئي، وِٿِ پيئي
ڀت وڇوٽيءَ جو اهڃاڻ
نصير سومرو
چوندا
آهن؛ ”ڀتين کي به ڪن آهن.“
ڀتيون ڪيترن
ئي قسمن جون آهن: گاري ۽ سِرن مان ٺهيل ڀتيون به آهن، ته فيس بوڪ واريون ورچوئل
والز، يا ڊجيٽل ڀتيون به آهن، ۽ گڏوگڏ اهڃاڻي ڀتيون به آهن، جيڪي رازداريءَ جون ڳالهيون
ٻڌي وٺنديون آهن.
تاريخي
ڀت، ”چين جي عظيم ڀت“ آهي، جيڪا دشمنن کان بچڻ لاءِ ٺاهي ويئي هئي. ستين صدي (ق م)
ڌاري چين ۾ اترين طرف کان جنگجو قبيلا اچي حملي آور ٿيندا هئا. انهن حملن جي آزار
کان بچڻ لاءِ ڀتيون ٺاهيون ويون. آخر ۾ مختلف ڀتين کي هڪ ديو قامت ڀت جي شڪل ڏني
ويئي.