Sunday, April 22, 2018

يا ڪپو ڪڇ ۾، يا ڍينگو ئي ڍيري - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


يا ڪپو ڪڇ ۾، يا ڍينگو ئي ڍيري.
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
کوھ جي مٿان لوٽين جي مالھا ڍينگي ۾ ڦرندي رھندي آھي، جنھن سان ھڪڙيون لوٽيون ڀرجي مٿي وينديون آھن، ٻيون مٿان خالي ٿي ٻئي پاسي کان ھيٺ پيون لھنديون آھن. اھي جن رسن سان ٻڌل ھونديون آھن، سي طاقت وارا ھوندا آھن. جڏھن ڪمزور ھوندا آھن ته ٽٽڻ سان مالھا وڃي کوھ جي اندر ڍير ٿيندي آھي، جنھن کي محاورتًا ڍينگو ئي ڍيري ٿيڻ سڏبو. اگر رسا طاقت وارا آھن ته پوءِ لوٽيون ڀرجي اينديون ۽ پاڻي نار جي نيسر مان ٿيندو ڪسيءَ ۾ پھچندو جتان ڪپو يا ڪپوريو يا دلو ڀري ڪڇ تي رکي کڻڻو/ ھلڻو پوندو.
مطلب؛
۱. يا ڪم ڪرڻ سان فائدو حاصل ٿيندو، يا ڪم ڪرڻ سان نقصان پوندو.
۲. يا ته سيٺ سيرو مل ھجبو، يا ته جتي ھٿ ۾ ھوندي.
۳. يا رھبو ڏنگ ڏڙي ۾، يا گھمبو وڃي (رڻ) ڪڇ ۾.

ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو؟ - عاجز رحمت الله لاشاري


ڊاڪٽر بلوچ جو لوڪ ادب وارو ڪم ڪير سنڀاليندو..؟
عاجز رحمت الله لاشاري
ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ وڌيڪ”لوڪ ادب“ جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائدي شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندرو ٻڌي لوڪ ادب جي مواد کي محفوظ ڪرڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو ۽ سالن جا سال سنڌ جا ڏورانهان سفر ڪري، سڄاڻ ماڻھن،بزرگن ۽ سگهڙن سان ملاقاتون ۽ ڪچهريون ڪري، راتين جون راتيون ڳوٺن ۾ جاڳي اتان جون روايتون قلمبند ڪيون ۽ لوڪ ادب جو قيمتي سرمايو سهيڙيو.