آش نخورده و دهن سوخته
(سوپ به نه پيتو، وات به سڙيو)
الطاف شيخ
اسان جي اسڪولي ڏينهن ۾ عربي يا فارسي آپشنل سبجيڪٽ هوندو هو، آئون نه
فارسي پڙهيس نه عربي، پر هاڻ هتي ايران ۾ اچي اهو اندازو لڳايو اٿم ته فارسي بيحد مٺي
۽ وسيع زبان آهي، جنهن ۾ بي پناهه لٽريچر آهي. اهي خوش نصيب آهن جن کي فارسي اچي ٿي.
فارسي جا اهي اديب يا شاعر جن جا اسين انگريزي، اڙدو يا سنڌي ۾ ترجمو پڙهون ٿا، فارسي
سمجهڻ وارا هنن کي اصل زبان ۾ پڙهڻ جو لطف وٺن ٿا. مون کي ملائيشيا جهڙي ملڪ ۾ ڏهه
سال کن نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ ملئي زبان سکي ورتم. اڄ اهوئي سوچي رهيو آهيان،
ته انهن ئي ڏينهن ۾ ايران جي مئرين اڪيڊمي ”ڇابهار“ ۾ به مون کي ساڳيو جاب مليو هو،
جتي نوڪري ڪرڻ سان فارسي سکي وڃان ها. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان ملائيشيا کان علاوه
ڏکڻ ٿائلينڊ، ڏکڻ فلپين، انڊونيشيا ۽ برونائي ۾ به ڳالهائي وڃڻ ڪري انهن هنڌن تي مون
جهڙن کي گهمڻ ڦرڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي ۽ فارسي زبان فقط ايران ۾ ڳالهائي وڃي ٿي پر ڇا ته
فارسي زبان ۾ ڪتاب ۽ لٽريچر آهي! نه رڳو ايراني اديبن جا فارسي ۾ڪتاب پر اسان جي ننڍي
کنڊ جي به ڪيترن ئي ماڻهن ڊاڪٽر اقبال کان سچل سرمست تائين جي شاعري ۽ ادب جا ڪتاب
فارسي ۾ ملن ٿا. دراصل فارسي زبان ملئي کان به گهڻن ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن ته
آذربائيجان، افغانستان، اولهه عراق، ازبڪستان ترڪمانستان وغيره، پر جيئن ته انهن ملڪن
کي نه بندرگاهه آهن ۽ نه اوڏانهن پاڻي جا جهاز وڃي سگهن ٿا، ان ڪري اسان جهاز هلائيندڙن
جو انهن ملڪن سان واسطو نه ٿي سگهيو. بهرحال هاڻ هتي ايران جا مدرسا، يونيورسٽيون،
ميوزيم گهمندي، ڪنهن عالم، ڪنهن پروفيسر يا هڪ يا عام ماڻهو کان ڪو فارسي جو شعر، اصطلاح
يا ڪو پهاڪو يا چوڻي ٻڌان ٿو ته غور سان ان جي معنيٰ سمجهڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو ۽ ڪيتريون
شيون ته نوٽ ڪندو وڃان ٿو، خاص ڪري پهاڪا ۽ چوڻيون جن سان مونکي ننڍپڻ کان دلچسپي آهي.
جپان، چين ۽ ملائيشيا جن ملڪن ۾ منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ۽ رهڻ ٿيو انهن جي پهاڪن جو انگريزي
۾ ڪتابProverbs of Far East نالي اڄ کان ويهه سال کن اڳ جڏهن آئون ملائيشيا
۾ رهندو هوس ته ڇپيو هو، جنهن جا پيش لفظ ملئي اديب ڪرس ماس ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جا
لکيل آهن. پهاڪن ۽ چوڻين جو هڪ ٻيو ڪتاب ”رٺي آهي گهوٽ سان“ ڏهه سال کن اڳ حيدرآباد
۾ ڇپيو جنهن جا پيش لفظ سنڌ يونيورسٽي جي ڊين ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو صاحب لکيا.