سنڌي سماج ۾ مروج شادي غمي ۽ ٻين
رسمن متعلق اصطلاحن جو جائزو
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڪنهن به مهذب ۽ عوامي
ٻولي جي پرک لاءِ ٻين نشانين سان گڏ اها پڻ هڪ وڏي نشاني آهي ته ان ۾ معاشري جي
رسمن رواجن، شادين غمين ۽ اٿڻي ويهڻي متعلق اصطلاح پهاڪا ۽ چوڻيون موجود هجن. جڏهن
اسان سنڌي زبان کي انهيءَ معيار کان پرکيون ٿا ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾
اهڙي قسم جا بيشمار اصطلاح، پهاڪا ۽ چڻيون موجود آهن. جيڪي خوبصورت ۽ بامعنيٰ لفظن
سان سينگاريل ٿيل آهن.