Saturday, September 28, 2024

گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن - وزير علي سرڪي

گِدڙ چڙهيو گهوڙي، لومڙ لوڏي ٻانهن!

جوڪ در جوق

وزير علي سرڪي



هائو ٻيلي ٻلي هلي آهي هرڻي جو شڪار ڪرڻ. ڇو نه ڪري، ننڍڙو شينهن جو ٿي. ٻلي هوبهو اھڙي آهي جهڙو شينهن. جيئن چئبو آهي فلاڻي کي اهڙو هم شڪل پُٽ ڄائو آهي، ڄڻ نڪ مان چيري ڪڍيو هجئين. شينهن چيو؛ شڪر ٿيو جو قد نه ٿو وڌيس، سو منهنجي منهن مقابل نه ٿيندي ۽ چڱو ٿيو جو ٻلو ناهي، نه ته منهنجو خير نه هجي ها. سوچيائين هن سان ڪو رشتو جوڙجي، چيائينس؛ مائي ٻلي! منهنجي امڙ ڪونهي “ماءُ نه ويائي، ماسي ويائي” اڄ کان تون منهنجي ماسي آهين. ٻلي سوچيو؛ ههڙي سگهاري سردار جي جو مان ماسي ٿيان ته واهه واهه. شينهن چيس: گهڻو غور ڪري گُهوري نه نهار. ڀاڻيجا شينهَن کي به پيارا ٿيندا آهن. منهنجي مائٽي مڃ، ڊِڄ نه. اهو ٻڌي ٻلي کڻي ماٺ ٿي.