ڪتاب: ’اشتقاقن جي لغت‘ جو تحقيقي جائزو
(عربي لفظن جو نمونو)
ڊاڪٽر الطاف
جوکيو
سال ۲۰۲۴ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري پاران ڇاپِي ’سنڌي ٻوليءَ ۾ مروج، اشتقاقن جي لغت‘ پڙهڻ جو موقعو
مليو. هيءَ لغت نوجوان محقق ساجد چانڊيي تيار ڪئي آهي، جنھن ۾ ساڻس چند اديبن جا
مشورا به شامل آهن. وري مقدمي ۾ ڏٺم ته ليکڪ، سھڪاري دوستن جو شڪريو به ادا ڪيو آهي،
گڏوگڏ ماهر ايڊيٽرن جا نالا به ڏنا اٿائين، جن وٽئون کيس مشورا به مليا آهن ۽
رهنمائي به ٿي آهي؛ اها ڳالھه پڙهي رهندو افسوس ٿيو. منھنجي راءِ مطابق انھن تي ڪَک
رکي ها، ته ڀلو ٿئي ها!