ھجئي ناڻو ته گھم
لاڙڪاڻو
ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو
پھاڪا، چوڻيون ۽ ٻھڳڻن جا ٻول، سنڌ جي سياڻپ جو آئينو
آھن. منجھن سنڌ جي رھڻي ڪھڻي ۽ ڳڻ ڳوت جي گھڻي ڀاڱي جيئري جاڳندي تصوير ڇڪيل آھي.
جيتوڻيڪ مختصر آھن پر چوڻ وقت مطلب کي مفصل ڪن ٿا. سندن ڪامل استعمال، ٻوليءَ کي
ٻھڪايو ڇڏي. خيالن جي ادائگي جا ھونءَ ھوند ٻن ٽن سٽن ۾ ٿئي، سا سندن استعمال سان
اختصار ۾ آڻي سگھجي ٿي ۽ اختصار وري عبارت جي جان آھي. جو زور پھاڪي ۾ آھي، سو وري
رواجي عبارت ۾ ڪونھي. گھڻي پٽاڙ کان مختصر مگر مائيدار لفظن جو استعمال، مضمون کي
کڻي بيھي ٿو. دنيا جي ڪا به زبان پھاڪن کان خالي نه آھي ۽ نه وري ڪو دور ئي پھاڪن
کان خالي رھيو آھي. خبر نه آھي ته اھي عقل جا نسخا ۽ تجربن جا ٽوٽڪا، ڪھڙن ماڻھن
جي آزمودي جو عطر آھن. بھرحال جو ڪجھ ڏنو اٿن، سو وقت جي ماحول جي پوري پوري عڪاسي
ڪري ٿو. مثلاً ڪلھوڙن ۽ ميرن جي وقت ۾ پارسيءَ جو قدر ھو ته چيائون؛ ”پارسي، گھوڙي
چاڙھسي.“
مير بجار جي مارائڻ جو اڻ سھائيندڙ رستو ڏسي چيائون: ”ڪن
جي ڳالھين، مير بجار مارايو.“ ٻن ڀائرن دودو ۽ چنيسر جي ناسازيءَ جو نتيجو ڏسي
چيائون؛ ”دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي.“
انھن حقيقتن مان معلوم ٿيو ته پھاڪن مان نه رڳو وقت جي
تاريخ جو پتو پوي ٿو، پر ملڪ جي عادات اطوار، رفتار گفتار، رسم رواج، ڪمال زوال،
حرفت بدعت جو به جيئن جو تيئن پتو پوي ٿو. انھن جي ذريعي ھڪ اناڙيءَ جي دل تي اھڙا
اوکا احوال نقش ڪري سگھجن ٿا، جي جيڪر ڪوڙين ڪتابن ٻڌائڻ سان به نه ڪري سگھجن. اھي
روشن منارا آھن، جن کي نظر ۾ رکندي ھڪ ناکئو پنھنجي مقصد جي ٻيڙيءَ کي درياءَ جي
موج ۽ تلاطم مان ڪڍي، سلامتيءَ جي ساحل ڀيڙو ڪري سگھي ٿو. اھي قديم فلسفي جا ٽڪر
آھن، جن مان اُھي، نتيجا ڪڍي سگھجن ٿا، جي افلاطون جي تصانيف مان به ملڻ مشڪل آھن.
اھي تقرير توڙي تحريڪ جا اھي تيز اوزار آھن، جن مان مطلب جي ڳنڍين کي آسانيءَ سان
ڪپي کولي سگھجي ٿو. اھي رھبر ۽ رھنما آھن جي راھ کي مضبوط بنائين ٿا ۽ نتيجي کي
وڌيڪ واضح ڪن ٿا. اھي ڪيميائي ذرڙا آھن جي زماني جي خردبرد ۽ ھار وير کان بچي ويا
آھن. انھن جي عاليشان محلات جي بنياد ۾ عقلمنديءَ جون اھڙيون ته پڪيون ۽ پختيون
سرون لڳل آھن جي صدين گذرڻ تڪ به ساڳيءَ حالت ۾ قائم رھنديون. زماني جي گردش سبب
شديد ۽ ھولناڪ طوفان اچي، ته به ھن فولادي ڪوٽ کي ڪٿان به شگاف پوڻو نه آھي. جڏھن
به موقعي مھل تي ڳالھايا وڃن ٿا تڏھن المثل في الڪلام، ڪا الملح في الطعام جو پورو
پورو ثبوت ڏين ٿا. جڳ مشھور اديبن، پھاڪن جي باري ۾ ھيٺين راءِ ڇڏي آھي. ڊزرائيل چوي
ٿو؛
”پھاڪن ۾ زندگيءَ جي ھر رنگ جي جھلڪ موجود آھي. منجھن
ھلڪي ۽ پرنور طنز جي چاشني رھي ٿي. گھر جي ھليپي ۽ ھنڊيپي سان گھرو ۽ گھاٽو واسطو رکن
ٿا. جيتوڻيڪ ھنن جو استعمال گھٽ ٿي چڪو آھي، تڏھن به منجھن عقل ۽ سوچ جو اَکُٽُ
خزانو پوشيده رھي ٿو.“
اي ايس جيڪر چوي ٿو؛ ”ڪنھن به قوم جي عادات، اطوار ۽
خيالات جي عڪاسي جنھن نموني پھاڪا ڪري سگھن ٿا، سا ٻئي نموني تي نه ٿي ڪري سگھجي.“
شري گووند ھنديءَ ۾ ڪھڙو نه سھڻو چيو آھي؛ ”ڪھاوتين ڀاشا
ڪا مرم ھين، جس ني ڀاشا ڪا مرم نھين سمجھا، اس ني ڪڇ نھين سمجھا.“
پھاڪن جو بنياد ڏند ڪٿائون، مذھبي قصا ۽ تاريخي واقعات،
عام ڪھاڻيون ۽ نقل نظير ئي ٿي سگھن ٿا. ھر زبان پھاڪن سان جھنجھي پئي آھي. اسان جي
زبان ۾ پڻ اڪيچار پھاڪا آھن، ڇاڪاڻ ته ورھين کان وٺي داخل ٿيندا رھيا آھن. ڪٿان رڙھي
آيا، ڪھڙي وقت آيا، ڪيئن داخل ٿيا، سا ڳالھ البت وھڃائڻ جوڳي آھي. انھن جي استعمال
جي خبر آھي پر اھو پتو ڪيئن پوي ته سندن اصليت جون پاڙون ڪھڙيءَ ٻوليءَ ۾ کُتل
آھن. ان لاءِ بھ ۽ لوڙھ کي پاڻيءَ مان ھٿ ڪرڻ لاءِ پٻڻ ۽ ڪُمَ کي وٺي، ھيٺ لھڻو
آھي. ھن ڏس ۾ جيتوڻيڪ ڪافي مٿا ڪٽ ڪيل آھي، پر تڏھن به تار جي تري تائين پھچڻ
بدران تانگھي ۾ ئي ترسي پيا آھن. ڇاڪاڻ ته ڪم ئي اھڙو آھي جنھن ۾ ساھي منجھائڻي پوي
ٿي. پر ڪي اھڙا به پھاڪا آھن، جن جو عرصو مقرر ڪري سگھجي ٿو جيئن؛ ”ھجئي ناڻو ته
گھم لاڙڪاڻو.“
هيءُ
مشھور پهاڪو، ڪلهوڙن جي دور جي يادگيري تازي ڪري ٿو. جڏهن ميان شاهل محمد عباسيءَ،
گهاڙ واهه کڻايو، تڏهن درياءَ کان ويندي، گهاڙ واهه جي ڇوڙ تائين،
لاڙڪاڻو هڪڙو ئي مشهور شهر ۽ بندر هو. جيڪي به ٻيڙا ڪشمور پنجاب ۽ ٻين پاسن کان مال کڻي، واپار
سانگي، درياءَ مان گھاڙ واھ ۾ ايندا ھيا، سي گھاڙ واھ جي ڏائي ڪپ تي لنگر ھڻندا
ھيا. موجوده ايس ڊي ايم لاڙڪاڻي جي بنگلي کان وٺي، ميونسپل آفيس جي اوڀر ۾ سڏ پنڌ
تائين ٻيڙيون ۽ ٻيڙا بيٺل ھوندا ھئا. انھيءَ ڪري لاڙڪاڻي کي بندر چوڻ لڳا. يونائيٽيڊ
بئنڪ اسڪوائر کان ٽائون ٿاڻي تائين جيڪو سڌو رستو وڃي ٿو، تنھن کي بندر روڊ چوندا
ھئا ۽ اڃا تائين ڪي چوندا آھن. جڏھن جائيلس بازار جي سامھون گھاڙ واھ تي ۱۸۷۸ع ۾ پُل
تيار ٿي ته پوءِ وڏا ٻيڙا پُل جي اوڀر طرف لنگر ھڻڻ لڳا پر ننڍيون ٻيڙيون پُل جي
اولھ طرف بيھڻ لڳيون. ڇاڪاڻ ته انھن جا سڙھ ننڍا ھئا. آسانيءَ سان پُل جي ھيٺان
لنگھي پئي ويون. مطلب ته ميل ڏيڍ ۾ ٻيڙيون ئي ٻيڙيون ھونديون ھيون. اھو اندازو ھن
واقعي مان لڳائي سگھجي ٿو جو ھڪ نوجوان تارو گھاڙ واھ ۾ ٽُٻي ھڻڻ سان وري مٿو ٻاھر
ڪڍي نه سگھيو. جتان به ٻاھر نڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين ته سندس مٿو ٻيڙيءَ جي تري سان
پئي لڳو. آخر سندس پساھ پورا ٿي ويا.
واپاري، ايران ۽
ڪوهستان کان ڪَهي، هت اچي، واپار ڪندا هئا. مطلب ته
لاڙڪاڻي کي ٻيڙين جي رستي، ٻين شهرن سان ملائي، گويا مرڪزي حيثيت ڏني ويئي هئي.
جتي اناج ۽ ٻين شين جا قافلا اچي ڊاٻو ڪندا
هئا. انهيءَ هنڌ کي ”قافلا سراءِ“
سڏيندا هئا. گهاڙ واهه جي ڏائي ڪپ تي، اڄ به ”قافلا
سراءِ“ نالي سان مشهور محلو آهي، جو ان ڳالهه جو ثبوت آهي.
نگيران سنڌ ۾ آھي ته؛ ”سچ
پچ ته سنڌ ۾ عباسين رستن ۽ واهن جي وڏي خدمت ڪئي. تقريبًا
پنجاهه هزار ميل رستا ۽ پنجويهه هزار ميل واهه جاري ڪيائون.“
لاڙڪاڻو،
وڻراھ ۽ زرعي
پيداوار ۾ ايترو وڌي ويو جو کيس ”سنڌ
جو عدن“ سڏڻ لڳا. پاڻيءَ جي گھڻائيءَ ڪري، گھاڙ واھ جي ٻنھي ڪپن تي باغات جام ٿي، ويران
زمينون آباد ٿيون، چوپائي مال لاءِ چارو مئو ٿيو. مينھون ۽ ڳئون گھڻو کير ڏيڻ
لڳيون. مطلب ته گھاڙ واھ جا ٻئي پاسا، اناج توڙي گاھ پٺي لاءِ، وَسي پيا. جنھن ڪري
ڏڌ مکڻ جي ڪمي ڪا نه رھي. ھڪ معتبر روايت موجب، مکڻ جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون ھيون
۽ ھڪ آني ۾ ڪوڏر جو لپو ڀري ڏيندا ھئا. جنھن ڪري لاڙڪاڻي جي شھرت وڌي وئي. ۽
ڏورانھن ڏيھن کان به واپار سانگي ماڻھن جي اچ وڃ ٿيندي ھئي. رات ڏينھن قافلا ايندا
ويندا رھيا. واپار سبب، ڏيھي توڙي پرڏيھي واپارين کي، جھجھو فائدو ٿيندو ھو. جنھن
ڪري کين پئسي سان راند کيڏڻ سولي ٿي پئي. ميونسپل جي ڀرسان لنگرگاھ جي ڏاکڻي طرف ھڪڙي
ڳاڙھي بازار قائم ٿي، جتي گھمڻ ڦرڻ، فرحت بخش ھو. اتي طعام، قيام ۽ جام جو ٺاهوڪو بندوبست
هو. جنهنڪري ھاڪ ٻڌي، شوقين ۽ عاشق مزاج
انسان، پکين جيان پرواز ڪري، انساني حُسن تي اچي پرگهٽ ٿيندا هئا ۽ کَنڀ کُهائي،
کيسا خالي ڪرائي، ٽُرڙ ٿي موٽندا هئا. ”سنڌ جي ٻيھر زيارت“ ۾ مسٽر برٽن لکي ٿو ته؛
”مسٽر بُل
۽ هري چند، مشهور ناچڻيءَ کي هٿ ڪيو آهي، جنهن خوبصورت جو نالو ’مهتاب‘
يعني چنڊ جو ڪِرڻو آهي. هتي، هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ايندي آهي. ٻَئِي ڀينرون، پنهنجي
ڪجاوي ۾ اينديون آهن ۽ سندن قافلو، نو (۹) ميل
ڊگهو هوندو آهي.
مهتاب،
لاڙڪاڻي جي پري
پيڪر، رشڪ قمر، پنهنجي نالي جهڙي خوبصورت آهي. سندس
انگ انگ مڪمل آهي ۽ جنهن طرف کيس ڏسبو ته خوبصورت
نظر ايندي. هن جي وارن ۾ جوانيءَ واري چمڪ آهي ۽ سندس سنگ مرمر جهڙي سفيد
۽ لسِي چمڙي، وات، ڀروون، اکين جا ڇَپَر خواه پنبڻيون، سڀ
نوان، اڻ استعمال ٿيل ۽ اهڙا ته تازا آهن، جهڙا قدرت جي هٿ سان، تيار ٿيڻ وقت هئا!
اوهين انهيءَ خواهش کي روڪي نه سگهندا ته مُرڪ يا ڪاوڙ خواه غصو، سندس لبن کي
جُنبش ۾ وجهي ۽ ڊگها ۽ جاڙا غير متحرڪ ڀروون لرزش ۾
اچن ۽ اهو ته هوءَ انسان وانگر نظر اچي ۽ ائين نه لڳي، جو ڄڻ چانڊوڪيءَ ۾ ڪو مجسمو
بيٺو آهي.“
هڪ
قديم ڪارواني سردار، جو ايران کان غاليچا کڻي آيو هو، تنهن جو رايو آهي ته:
“لاڙڪاڻي
جي تهذيب ايتري اُتم آهي جو بهترين غاليچا به اُنهن جي اڳيان اِرزان ٿا لڳن.
حالانڪ اُهي غاليچا، ايران ۾ گران ٿا لڳن. هڪ رقاصہ، هزار رپئي
وارو غاليچو خريد ڪري، چيو ته؛ ’هيءَ قيمت،
سندس هڪ رات جي رقص بازيءَ جي پيدائش آهي!‘ پارسي مطرب،
اهڙو غاليچو خريد ڪري نٿو سگهي.“ (ماخذ از
ڪاروان زاهدان)
لاڙڪاڻي
جي اهڙي ڪمال سبب، ”لاڙڪاڻو، ساھ سيباڻو“ بابت ڪيترن
شاعرن پنهنجا جذبا پڻ ظاهر ڪيا آهن. جيئن حاجي
خانڻ چنجڻي هڪ ڪافي جو ٿلهه ٻَڌو آهي: ”هُجئي ناڻو ته گهُم لاڙڪاڻو، نه ته
وَتُ ويڳاڻو.“
ٻئي شاعر،
لاڙڪاڻي جي ھن ريت تعريف ڪئي آھي:
ھو
قوم لاڙڪن جي ھتڙي قديم ٿاڻو،
ٿيو
پوءِ نام ھن تي، لاڙڪ تان لاڙڪاڻو،
باغات ۽ وڻن جي جھڳمڳ ھتي عجائب،
ڪُٽ جي عجيب ٿانون جو ڪم ٿئي شھاڻو،
مشھور آ قديمي ھن تي اھو پھاڪو،
ڳنڍ
۾ کڻي تون ناڻو، گھم خان لاڙڪاڻو.
(لاڙڪاڻو ساھ
سيباڻو، ۱۹۷۴ع)
(تحقيقي مقالا ۽ لغوي تنقيدون، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، سھيڙيندڙ؛ ڊاڪٽر اسلم سنديلو، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو اڪيڊمي، لاڙڪاڻو/ ڪراچي ۽ پيڪاڪ پبلشرس، ڪراچي سنڌ، ڇاپو: پھريون، سال: ۲۰۲۲ع، ص ۲۵۹ کان ۲۶۲ تائين)
No comments:
Post a Comment