Friday, April 30, 2021

ڀڄندڙ چور جي چڍي به ڪار

ڀڄندڙ چور جي چڍي به ڪار

وجاھت عمراني

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



چوڻيون، پھاڪا، اصطلاح ۽ ورجيسون ھر ٻوليءَ جو اڻٽر ۽ دلچسپ حصو ھوندا آھن. دنيا جي شايد ئي ڪا اھڙي ٻولي ھوندي جنھن ۾ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۽ حد اندر، انھن جو استعمال نه ٿيندو ھجي. جھڙيءَ طرح شعر ۽ شاعريءَ ۾ صنايع ۽ بدايع، ترڪيبون ۽ بندشون، تشبيھون ۽ استعارا، لفظن جو ويھڻ ۽ وڃڻ وغيره بيان ۽ زبان جو چسڪو، معنيٰ ڏيڻ، اثر وٺڻ، مٺاس ۽ چشڪو پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا، اھڙيءَ طرح نثر ۾ چوڻيون، پھاڪا ۽ اصطلاح پڻ مستعمل آھن.

سڄي دنيا منجهان محبت جي نندا بابت يارھن چوڻيون

سڄي دنيا منجهان محبت جي نندا بابت يارھن چوڻيون

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



اھا ته پڪ آھي ته محبت وڏي حيرت انگيز شيءِ آھي. ليڪن، ڪڏھن ڪڏھن ھيئن به ٿيندو آھي.

سڄي دنيا جي گڏ-مس ثقافتن اندر، ننڍڙين ۽ چمڪندڙ عشقيه ڳالهين کي، محبت سڏجي ٿو. محبت جي باري ۾ يارھن مذاقيه چوڻيون، اوھان کي گرم ۽ مسحور نه ئي ڪن، ليڪن اھو ظاھر ڪن ٿيون ته ھر جڳهه، ڪنھن نه ڪنھن وقت ان جو حشر برو آ.  

 

Monday, April 19, 2021

جاڙي به جڳ سنئين

جاڙي به جڳ سنئين. (پھاڪو)

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



جاڙي يا جاڙو، (Twins) انھن ٻارن کي چئبو آھي، جيڪي ماءُ جي پيٽان ساڳئي ويم اندر ڄمن. اگر ٻئي ڇوڪرا آھن ته سڏبا جاڙا، اگر ٻئي ڇوڪريون آھن ته سڏبيون جاڙيون. اگر جوڙي، نر ماد جي آھي، يعني ھڪڙو ڇوڪرو ۽ ھڪڙي ڇوڪري آھي ته ان صورت ۾ ڇوڪرو سڏبو جاڙو ۽ ڇوڪري سڏبي جاڙي.

ضلعي لاڙڪاڻي جا چُونڊ پھاڪا، چوڻيُون ۽ اصطلاح - شيخ جاويد علي سنڌي

ضلعي لاڙڪاڻي جا چُونڊ پھاڪا، چوڻيُون ۽ اصطلاح

 

تحقيق ۽ تحرير:

شيخ جاويد علي سنڌي

 


چانڊڪا پرڳڻي (لاڙڪاڻي) جو سڀ کان آڳاٽو تاريخي حوالو علامہ ابوُالفضل جي فارسي تصنيف آئين اڪبري ۱۵۹۰ع ۾ ملي ٿو. نواب مير محمد معصوم بکري تاريخ معصوُمي ۱۶۰۰ع، ادراڪي بيگلاري بيگلار نامہ ۱۶۰۸ع، سيد طاھر محمد نسياني تاريخ طاھري ۱۶۲۱ع، يوسف ميرڪ تاريخ مظھر شاھجھاني ۱۶۳۴ع ۽ سيد مير محمد بن جلال ترخان نامہ ۱۶۵۴ع، باغ علي خائف ۱۷۴۲ع، ميان نوُر محمد ڪلھوڙو ۱۷۵۵ع ۾ ۽ مير علي شير قانع ٺٽوي تحفت الڪرام ۾ به چانڊڪا پرڳڻي جو ذڪر ڪيو آھي. چانڊڪا پرڳڻي جي قبيلن ۽ اتان جي شادابيءَ بابت يوسف ميرڪ بن ابوالقاسم نمڪين پنھنجي مشھور تصنيف تاريخ مظھر شاھجھاني جيڪا ۱۰۴۴ھ مطابق ۱۶۳۴ع ۾ تحرير ڪئي وئي ھئي، جي صفحي نمبر ۱۰۲ تي چوي ٿو ته؛ ٻيو پرڳڻو چانڊڪا جو آھي، جيڪو گھڻي ڀاڱي وڏو پرڳڻو ليکيو وڃي ٿو. ھتي سميجا، بُڪيجا، سانگي ۽ ابڙا رھن ٿا، جيڪي سڀ طاقتمند قبيلا آھن. ھنن مان ابڙا ۽ سانگي پڻ پاڻ کي سميجا سڏرائين ٿا. چوٿين قوم مھديجي شيخن جي آھي (۱۲۰ ص). يوسف ميرڪ چانڊڪا پرڳڻي جي واھن، شھرن ۽ فصلن لاءِ  وڌيڪ لکي ٿو ته؛ محمد علي بيگ بندري (متوفي ۱۰۶۶ھ) جيڪو نواب آصف جاھ پاران (۱۰۳۸ھ) ۾ بکر جو فوجدار ھو. تنھن جي زماني ۾ مير نالي چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙي زميندار درياھ مان وڏو واھ ڪڍرائي غيرآباد زمين ۾ آندو ھو جنھنڪري انھن پٽن ۾ جتي چرندن، پرندن  توڙي آدم ذات جو ڪو اير ڀير ئي نه ھو، اتي نيون وستيون آباد ٿي ويون. انھن مان جوکي، ھرڻي ۽ منھ نالي وارا ڳوٺ مير ابڙي جا ٻڌرايل ھئا. ساڳيءَ ريت نندي ابڙي پوپٽي نالي ڳوٺ ٻڌرايو ھو. ابڙن جي مرشد شاھ علي جيڪو مھديجو سڏائي ٿو، تنھن ڪوٽلي نالي ڳوٺ آباد ڪيو. اھڙيءَ ريت چانڊڪا پرڳڻي جي ابڙن، سانگين ۽ سميجن واھ کوٽائي انھن جي ڪلنڀر سان نوان ڳوٺ ٻڌرايا. نتيجو اھو ٿيو جو جتان ڪٿان جا ڏتڙيل ماڻھو انھي پاسي رجوع ٿيندا ويا. سارين ۽ جوارين جي خريف واري پوک ۾ واڌارو اچي ويو، جنھن جي آبادي  لکن جريبن تائين وڃي پھتي، سواءِ ربيع واري پوک جي، جنھن  ۾ ڪڻڪ، جو، چڻا ۽ سرنھن وغيرھ شامل آھن. (تاريخ مظھر شاھجھاني، يوسف ميرڪ بن ابو القاسم نمڪين، ۱۰۴۴ھ مطابق ۱۶۳۴ع، مترجم نياز ھمايوني، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد، سنڌ ۱۹۷۹ع، ص ۱۲۲) مٿئين بيان مان واضح ٿئي ٿو ته محمد علي بيگ بندري ۱۰۳۸ھ (۱۶۲۸ع) ۾ بکر جي فوجداري تي مقرر ٿيو ھو.

 

Wednesday, April 14, 2021

ڪشميري پھاڪا ۽ ورجيسون

ڪشميري پھاڪا ۽ ورجيسون

سليم خان گمي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪشميري زبان جي ھڪ عالم، مير غلام احمد ڪشفي راقم/ مصنف جي نالي ھڪ خط ۾ لکي ٿو؛

”ڪشميري زبان ۾، پھاڪن ۽ ورجيسن جو وڏو ذخيرو آھي. شيخ نورالدين، لله عارفہ، بابا نصيرالدين، ارني مال ۽ حبہ خاتون جي سموري شاعري، پھاڪن ۽ ورجيسن تي مشتمل آھي، جيڪي خاص و عام جي واتن تي چڙھيل آھن. ان کان علاوه پوءِ-وارن به فارسيءَ، عربيءَ ۽ انگريزيءَ جي پھاڪن جا ترجما ڪري، پنھنجي ٻوليءَ کي وسيع ڪيو آھي. ڪٿي ڪٿي عربي ۽ فارسيءَ جا پھاڪا، ائين جو ائين، ورتايا ويا آھن. ان لحاظ کان ڪشميري زبان جي پھاڪن جو احاطو ڪرڻ، تمام وڏو ڪم آھي.“

Monday, April 12, 2021

چند ڪشميري چوڻيون

چند ڪشميري چوڻيون

مير عبدالعزيز

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڪشمير، پھاڪن ۽ چوڻين جو ملڪ آھي. ھن زبان ۾، بيشمار پھاڪا ۽ چوڻيون ملن ٿا. اڻ پڙھيل کان وٺي پڙھيل ماڻھوءَ تائين به، پنھنجي ڏھاڙيءَ جي ڳالھ ٻولھ ۾، پھاڪو يا ورجيس ضرور استعمال ڪندو، سا به وقتائتي. فارسي زبان جون ڪھاوتون ۽ شعر نما ڪھاوتون پڻ، اڪثر استعمال ٿيندا آھن. چند معائني خاطر ڏسو.

Saturday, April 10, 2021

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس لفظ‘ جو جائزو - ڊاڪٽر الطاف جوکيو

مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ ’تجنيس لفظ‘ جو جائزو

ڊاڪٽر الطاف جوکيو

 


(A Study of ‘Homo-Sound Word’ in Molvi Ahmed Mallah’s poetry)

Abstract

Molvi Ahmed Mallah is rightly known as the King of Alliteration. Words beginning with same letter-sound in a poetic or prosaic line is called Alliteration. There are numerous types of the Alliteration, which are frequently used by the writers/ poets. There is one beautiful alliteration used by Molvi Sahib that can be named here as ‘Homo-Sound Word’, that has never ever been identified or discussed by any critic/ writer in any way, at any place according to my study.

The difference between Alliteration and newly coined term ‘Homo-Sound Word’ is that the Alliteration contains the different words beginning with same letter/sound having the different meanings; while on the other hand, the ‘Home-Sound Word’ are the words having totally same sounds with different meanings as well as different letter/ letters according to the nature of Sindhi Language. Example of ‘Homo-Sound Word’ is: .’ڪثرت/ ڪسرت‘ Both these words are same sounding words, but with different meanings and letter/s in Sindhi language and can be counted as ‘Homo-Sound Words’. Actually, these words are borrowed from Arabic language, in which their actual sounds are articulated differently form the phonetics point of view, but these borrowed words are pronounced without any sound difference in Sindhi language while keeping in eye its nature. Sounds like: ’ث، ح، خ، ذ، ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف ق‘ are peculiar to Arabic Language and can be articulated by native speakers only. Those sounds have no any existence in group of recognized Sindhi sounds, even though they are part of Sindhi Alphabet for their great importance in Sindhi Orthography. It is harder for any Sindhi speaker to articulate those Arabic sounds phonetically, but pronounce them Allophonically, such as: س for ث or ص etc.

Homo-Sound Word’ like: قمر and ڪمر are studied in Molvi Ahmed Mallah’s poetry in minute detail in this research paper that make him an exceptional poet in the galaxy of Sindhi poets.

Sunday, April 4, 2021

شاهه جي سُر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاح - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

شاهه جي سُر ڪاموڏ ۾ آيل اصطلاح

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو


 

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ ۾ سمايل فڪري ۽ فني اوچائين جا معترف ڏيھي ۽ پرڏيھي عالم ۽ محقق رهيا آهن. انهن فڪري ۽ فني اوچائين جي مطالعن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جون خوبيون ۽ خصلتون پنھنجي پوري ڀرپوريت سان سمايل ۽ سانڍيل آهن. هُن اهي خوبيون پنھنجن سيرن ۽ سفرن دوران هٿ ڪيون. ”شاهه صاحب، جن جن خِطن جا سير سفر ڪيا، انهن مان هر خطي ۾ رائج مقامي لھجي، اُن لھجي جي خاص خاص لفظن، فقرن، اصطلاحن، چوڻين ۽ پھاڪن کي، پنھنجي رسالي جي، مختلف سُرن ۾ محفوظ ڪيو. اُن کان سواءِ انهن خِطن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪِرتن، ڌنڌن ۽ ڪاروبار ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي وڏي خزاني کي به، پنھنجي رسالي جي لغوي خزاني جو حصو بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن، سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لھجن، جھڙوڪ؛ اُترادي، وچولي، لاڙي، ٿرِي، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، دريائي، ڪوهستان جي ڪاڇي واري لھجي کان سواءِ لاسي، جدگالي ۽ فراقي لھجن کان سواءِ، ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪَڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنھنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب انهيءَ ساري لغوي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بنايو.“[الانا، ۲۰۱۴: ۲۱۲] شاهه لطيف جي ان رَچيل ۽ هر علائقي جي ٻولي ڪتب آڻڻ جو هڪ وڏو نتيجو هيءُ نڪتو ته لساني حوالي سان شاهه لطيف سڀني علائقن ۾ رهندڙن ماڻهن جو شاعر ٿي پيو. ”هيءُ پھريون ڪامياب شاعر هو، جنھن اها ٻولي ڪتب آندي، جيڪا سڀني کي قبول هئي؛ رڳو ان ڪري نه ته اهو ادب هو يا ان ۾ لفظن جي هٿرادو جوڙجڪ هئي؛ بلڪ ان ڪري جو ان ۾ سڀني جا احساس هئا.“[سورلي، ۲۰۰۵: ۳۰۱]

سوکڙي ڳالهين جي - مقدمو

ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي

۽ سندس جوڙيل ڪتابَ

(ديوان ڪيولرام آڏواڻيءَ جي لکيل ۽ انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي سنواريل ڪتاب ”سوکڙي ڳالهين جي“ جو مقدمو)

 

ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

 


سنڌ تي، ۱۸۴۳ع ۾ برطانوي انگريزن جي قبضي کان پوءِ، سندن حاڪميت جي پڄاڻي، ۱۹۴۷ع ۾، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي ٺھڻ سان ٿي. انگريز-دور (۱۸۴۳-۱۹۴۷ع) ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي جيڪي فائدا ۽ نقصان پلئه پيا، تن جي ڪَٿ گهڻن ئي ڪتابن ۽ مقالن ۾ ڪيل آهي، جن جو ذڪر هِن ”مقدمي“ جي دائري کان ٻاهر آهي. ۱۰۴ ورهين تي پکڙيل اهو دَور، سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ تعليم جي لاءِ مجموعي طور تي لاڀائتو ثابت ٿيو، سواءِ ان تمام وڏي ۽ تلافي نه ٿِي سگهندڙ نقصان جي، ته پاڪستان جي قيام ۽ سنڌ پاران منجهس شامل ٿيڻ وقت، سياسي ۽ سماجي حالتن جي غير يقينيءَ، غير رواداريءَ ۽ مذهبي جهيڙن جي ڪري، عام هِندن سان گڏ، سنڌي اديبن ۽ عالمن جو وڏو تعداد، لڏپلاڻ ڪرڻ ۽ پنهنجي ڏيهه کان مستقل طور ڌار ٿيڻ تي مجبور ٿيو، جنھن سان سنڌ جي سماجي، علمي، ادبي ۽ ٻوليائي دنيا ۾ وڏا خال پيدا ٿي پيا. بهرحال، انگريزن جو سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو ڪم، فارسيءَ کي ترڪ ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي اُن جِي جڳهه تي سرڪاري حيثيت ڏيڻ، سنڌي لپيءَ کي مقرر ڪرڻ ۽ تعليمي ذريعي طور لاڳو ڪرڻ هو. جنهن سان سنڌي ٻوليءَ ۾، ڪتابن جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ سان، هڪ نئين سجاڳيءَ جي شروعات ٿي. ان نئين سجاڳيءَ کي آڻڻ ۾، ۱۸۵۰ع کان پوءِ، جن اولين عالمن ۽ اديبن لوڪ ڏاهپ ۽ لوڪ ادب جي ترتيب، تدوين ۽ تخليق ۾، پنھنجي مائيدار ٻوليءَ ۽ ميٺاڄ ڀرئي اندازِ تحرير سان، پنھنجن ڪتابن ذريعي، پُر اثر ڪردار ادا ڪيو، تن ۾ ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جو نالو اهم ۽ نمايان آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو: ”ديوان ڪيولرام جو انداز بيان دلنشين ۽ وڻندڙ آهي. بيجوڙ جملن، ڪچين ڦڪين ترڪيبن ۽ غير فصيح ۽ من-گهڙت لفظن کان سندس اسلوب آزاد آهي... هن جي اسلوب ۾ سادگي ۽ پختگي به آهي، ته ان سان گڏوگڏ شيريني ۽ ميٺاڄ پڻ آهي... اصلاحي ۽ اخلاقي مضمون جي رنگ ۾ اول اول ديوان ڪيولرام جو اسلوب ملي ٿو. ڀڳتي ۾ ڌرم سان رغبت ۽ درويشانه طبع جو رنگ سندس تحرير مان صاف طرح سان پيو بکي. ان ڪري ئي سندس اسلوب بيان ۾ حليمائي ۽ انڪساري ججهي آهي. عربي فارسي کان علاوه پنجابي، هندي ۽ سرائڪي پھاڪن، چوڻين ۽ مثالن سندس عبارت کي ڪافي مائيدار بڻايو آهي. اها سندس فارسيداني ۽ ديسي زبانن جي ڄاڻ ئي آهي جنھن سندس اسلوب کي شيرين ۽ رس ڀريو بڻايو آهي.“[عرساڻي، ۲۰۰۹: ۳۷۸-۳۸۰]