ملا جلال، ڪتو ٻلو حلال.
(پھاڪو)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
ملا جلال، منطق جو ڪتاب
آھي، جيڪو درس نظاميءَ جي آخري سال وارن کٿابين کي پڙھايو ويندو آھي. ان ڪتاب
اندر، منطق، ڳالھائڻ جو ڏانءُ، دليل دلائل بازي، حوالا ڏيڻ، بحث مباحثا ڪرڻ جا سبق
آھن. آخري سال ۾ ان ڪري پڙھايو ويندو آھي جو منجھس علم، بالغ ذھنن جي ڏانءَ جو
ھوندو آھي. جنھن جا اعصاب مضبوط ۽ ارادا اٽل ھجن، سو سکندو ۽ اڳتي وڌندو آھي.
ڪمزور اعصابن وارن جي ته ان ڪتاب پڙھڻ سان گھڻو ڪري ڪل ئي ٿڙي ويندي آھي.