سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو
ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
اڄ
سڄيءَ سنڌ ۾ سنڌي لوڪ ادب جو ڏهاڙو پھريون ڀيرو ملهايو پيو وڃي. اِن سلسلي ۾
مُختلف تقريبون رِٿيون ويون آهن. اِنهن تقريبن ۽ اڄوڪي ڏينھن بابت مُختصر تفصيل
هِتي پيش ڪجن ٿا. هِن ڏينھن ملهائڻ جو وڏو سبب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لوڪ ادب
۾ ڪيل خذمتن کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب جي لاوارثي ختم ڪرڻ، اهميت اُجاڳر ڪرائڻ ۽ اِن
کي ترقي ڏيارڻ وغيرهه آهي.