ڀيڄ ڀٽائي
حيات علي شاهه بخاري
ڪيترا پهاڪا ۽ چوڻيون اهڙيون آهن،
جن سان آئون سهمت ناهيان. مطلب ته مون کي انهن جي معنيٰ يا مطلب کان انڪار آهي. جيئن
چوندا آهن ته؛ ”مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان.“
ان سان به سهمت ناهيان. ڇو ته مينهن پوڻ سان سچا ته ويچارا ڏچي ۾ هوندا آهن، پر ڪوڙا
به ويل ۾ هوندا آهن. ڪو پاڻ کي مينهن کان بچائڻ ۾ مصروف هوندو، ڪنهن کي پنهنجي گهر
کي بچائڻ جي لڳل هوندي، ڪو گهر ۾ يا گهٽيءَ ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ ۾ لڳو پيو هوندو. شهري
ٿوري مينهن مان بيزار ٿي ويندا آهن. پر ڳوٺاڻا ڪڏهن به مينهن کان بيزار ناهن ٿيندا.
ڏٺو وڃي ته شهرين جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻا مينهن جي ڪري وڌيڪ ڏچي ۾ هوندا آهن. پوءِ به وڏي
واڪي چوندا آهن ته؛ ”ڀيڄ ڀٽائي! ڪر ملڪ مٺائي!“
ڀيڄ ڀٽائي واري ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر مينهن ۾ ملڪ مٺائي واري ڳالهه سمجهه کان
ٻاهر آهي. ڇو جو مينهن ۾ گپ هوندي آهي. ڇتيون ۽ منهه پيا ٽمندا آهن. بجلي جيڪا عيد
براد تي ڳوٺاڻن کي نصيب ٿيندي آهي، سا مينهن ۾ موڪلائي هلي ويندي آهي ته وري ورڻ جي
ڪا نه ڪندي آهي. ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي. عابد شير علي جون خبرون ٻڌون ٿا ته
ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو ڊيزل وارو جنريٽر هجي، جيڪو ماڻهن جو سُک ڦٽائيندو هجي. فيس بڪ تي
ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تصوير نظر آئي، جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جو سربراهه پارليامينٽ جي ميمبرن
آڏو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هوندو آهي. تصوير هيٺان لکيل هو ته فلاڻي ملڪ ۾ ويهن منٽن لاءِ
بجلي نه هئڻ ڪري اتان جو سربراهه پارليامينٽ آڏو 20 منٽن تائين ڪنڌ جهڪائي سزا طور
بيٺو رهيو. اسان وٽ وري ان جي بلڪل ابتڙ آهي. خير ڳالهه مينهن يعني برسات کان شروع
ٿي هئي، ان ڪري ان ڳالهه جو ئي ذڪر ٿيڻ گهرجي. جڏهن مينهن جا ڦڙا ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن
ته سڪل مٽي ڀِڄي پوندي آهي ته ان مان هڪ اهڙي سرهاڻ اُٿندي آهي جو ڇا کڻي چئجي. ان
جو هڪ سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي، مٽي آهي ۽ مٽيءَ ۾ وڃڻو
اٿس ته کيس مٽيءَ جي خوشبوءِ خمار ڏئي ڇڏيندي.