ٿر جي سڪار ۽ ڏڪار بابت پهاڪا ۽ چوڻيون
مشڪور ڦلڪارو
انسان جي
فطرت آهي ته هو مشاهدي جي دوران اگر ڪو اهڙو مشاهدو ڪري ٿو، جنهن جو عڪس هن جي دماغ تي چٽجيو وڃي، ته پوءِ هو اڪيلائيءَ ۾ انهيءَ ڳالهه تي
ويهي پهه پچائيندو ۽ سوچيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انساني دماغ پنهنجي سوچڻ جو عمل ڪنهن به حالت ۾ بند نه ڪندو
آهي. انسان جو دماغ جڏهن سوچڻ بند ڪندو آهي ته ان جو موت واقع ٿي ويندو آهي. ننڊ ۽
موت ۾ فرق صرف اهو آهي ته، ننڊ ۾ انسان جو دماغ سوچيندو آهي ۽ موت اچڻ بعد دماغ
سوچڻ بند ڪندو آهي. ماڻهو جڏهن پهه پچائيندي، ڪنهن نتيجي تي پهچندو آهي ته پنهنجي پر ۾
مطمئن ٿيڻ بعد هو اها ڳالهه زبان تي آڻي ٻين کي ٻڌائيندو آهي. ائين ڳالهه وڌندي
پهه کان پهاڪي ۾ تبديل ٿيندي آهي. ائين ئي پهاڪي جي وصف وڃي ائين بيهندي ته،
پهاڪو اهڙي جملي کي سڏيو ويندو آهي؛ جيڪو ڪنهن واقعي يا حالت کان متاثر ٿي چيو وڃي. پوءِ اهڙي
حالت جي بار بار اچڻ تي اهو جملو دهرايو وڃي. ائين هلندي هلندي اهو هر ماڻهوءَ جي زبان
تي اچي وڃي.