چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Saturday, April 30, 2016
Saturday, April 9, 2016
ڪھاوتون - علامه نياز فتحپوري/ انجنيئر عبدالوھاب سھتو
ڪھاوتون
علامه نياز فتحپوري
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
دنيا منجھ، ڪا به اھڙي ٻولي ناھي، جنھن ۾ ڪھاوتون يا چوڻيون نه ھجن ۽ ان
ٻوليءَ جا ڳالھائيندڙ، اھي استعمال نه ڪندا ھجن. جڏھن ته نه رڳو ڳاڻيٽي جي حساب
سان بلڪ نوعيت جي لحاظ کان به ايترو ته ججھي انداز ۾ ملن ٿيون جو انساني زندگيءَ جو
ڪو اھڙو پاسو نه ٿو رھي جنھن تي حاوي نه ھجن. عورتن جون چوڻيون، ٻارن لاءِ پھاڪا،
ڪمين ڪاسبين بابت ضرب الامثال. اھڙيءَ طرح امير ۽ فقير، جاھل ۽ عالم، شاھ ۽ گدا،
ڏاھو ۽ بيوقوف، مڙني طبقن جون ڪھاوتون اسان کي ادب ۾ ملن ٿيون. حيرت ان ڳالھ تي
وٺيو ٿي وڃي ته ايڏو وڏو ذخيرو ڪيئن وسريل رھيو آھي. ھاڻي اسان ان کي، ادب جي ڪھڙي
صنف ۾ جاءِ ڏيون.
Subscribe to:
Posts (Atom)