پھاڪا پراڻا، ارٿ
نوان
سنڌي ٻوليءَ جي شاھوڪاري
پروفيسر
ھيرو شيوڪاڻي
پھاڪا ۽ محاورا، ڪنھن به ٻوليءَ جا، ڳھڻا ھوندا آھن. جيئن زيور يا ڳھڻا
عورت جي سونھن ۽ شخصيت کي وڌيل نکاريندا ۽ سنواريندا آھن، تيئن بيان ۽ اظھار ۾،
جيڪڏھن انھن جو صحيح ۽ پورو اُپيوگه ڪجي تهپھاڪا به وڌيڪ اثر ۽ رس پيدا ڪن ٿا.
سنڌيءَ سميت ھر ھڪ شاھوڪار ڀاشا ۾ انھن پھاڪن ۽ چوڻين جو وڏو خزانو سانڍيل
آھي. صدين کان اھي پھاڪا ۽ اصطلاح ٻوليءَ ۾، پاڻ مرادو، انام مگر ڏاھن ماڻھن جي
آزمودي مان اھي املھ ماڻڪ ايندا رھيا آھن. اسان جي سنڌي زبان ۾ اھڙن پھاڪن جو اڻ
ميو خزانو آھي. اندازي موجب سڀ کان پھرين ۱۸۹۲ع ۾ روچيرام گجومل گڏ ڪري ٻن ڀاڱن ۾
”سنڌي پھاڪا“ ڪتاب پڌرو ڪيو. ٻنھي ڀاڱن ۾ اٽڪل اٺ سؤ کن پھاڪا معنى سان ڏنل آھن.
ديوان ڪيولرام سلامتراءِ جو سنگرھ ”گل شڪر“ ۱۹۰۵ع ۾ شايع ٿيو ته ڀيرومل جو ڪتاب
”گل قند“ وري ۱۹۲۸ع ۾ محاورن جو آھي. ساڳيءَ طرح سنڌي زبان جي آفتاب مرزا قليچ بيگ
”پھاڪن جي حڪمت“ ۱۹۲۵ع ۾، اٺ سؤ کن پھاڪا سھيڙيا آھن. ھيءُ ڪجھ چونڊ ڪتاب آھن.
ائين ته ٻين به گھڻن اڀياسين ۽ ماھرن پھاڪن جا ڪتاب شايع ڪرايا آھن. خاص طور ھتي
ڀارت ۾ سترامداس ’سائل‘ ۽ ليکراج عزيز جا سنگرھ به اھم آھن. پر ھتي مقصد منھنجو
پھاڪن ۾ سمايل حڪمت (سياڻپ) جو جوھر پڌرو ڪرڻ کان سواءِ ڪونھي. اڄ ھزارين سال
جھوني سنڌي ٻوليءَ جي انھن پھاڪن جي معنى ۽ اھميت تي ٿوري روشني وجھڻ سان گڏ، اڄ
زماني جي تبديل سان انھن جي ارٿ ۾ آيل نواڻ ۽ بدلاءُ يا ماڳھين مختلف ارٿ کان،
ٻوليءَ جي چاھڪن کي واقف ڪرڻ جو آھي. ظاھر آھي ٻولي، ان جا لفظ، فقرا خود سماج مان
پاڻ مرادو جنم وٺندا آھن. سپجندا آھن ته وقت جي رفتار سان سماج جي سوچ ۾ تبديل،
سمجھ جي وڪاس سان گڏ انھن ۾ به بدلاءُ اٽوٽ آھي.