چوڻي: اھو ٿور-اکري نڪته-دار مقرر روپ لوڪ-پسند مڪمل جملو، جيڪو پنھنجي معنيٰ ۾ ئي استعمال ٿئي. پھاڪو: اھا چوڻي جيڪا پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئئ. ورجيس: بنا مصدر مقرر روپ لوڪ-پسند فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي. اصطلاح: مصدري فعل سان غير مقرر روپ فقرو، جنھن ۾ نڪتو سمايل ھجي ۽ پنھنجي معنيٰ کان علاوه ٻي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي.
Monday, July 20, 2015
Saturday, July 11, 2015
لاجواب تمثيل - منظور ڪوھيار
لاجواب تمثيل
منظور ڪوھيار
منهجو دوست عيد محمد الحديدي ۽ مان موڪل واري ڏينهن تي ملير
(ڪراچي) جي پهاڙين تي چڪر چاڙي ڏيندي، ڪنهن نه ڪنهن تمثيل يا چوڻيءَکي بنياد بڻائي
پيا احوال ڪٽيندا آهيون. هو تمثيل جي حوالي سان مولانا روم جي گس تي هلندڙ ۽ مان گوتم
ٻڌ جي واٽ تي. پوءِ ڪڏهن هو حاجي ته مان قاضي، ڪڏهن مان حاجي ته هو قاضي.
Friday, July 10, 2015
ٿر ۽ مينهن بابت لوڪ ڏاهپ - نور احمد جنجهي
ٿر ۽ مينهن بابت لوڪ ڏاهپ!
نور احمد جنجهي
مينهن جي رحمت هن ڪائنات لاءِ سدائين اهميت واري رهي آهي.
انسان مينهن وسڻ لاءِ سدائين آسائتو رهيو آهي، ڪڏهن انهي رحمت جي تکي رهڙ اچي ٿي وڃي
ته پوءِ ٻوڏ جي صورتحال ۾ سموري جيوت متاثر ٿي پوي ٿي جنهن جي واهر ۾ ڪيئي ادارا ۽
ادارڙيون ماڪڙ وانگر نڪري ٿيون پون، متاثرن جي نالي ۾ پنهنجا پيٽ يا پاڪيٽ ڀري، مچي
متاريون ٿي پون ٿيون. سنڌ ۾ گذريل ڏهاڪي دواران جيڪي ٻوڏون ٿيون تن ۾ اهو ڌنڌو دل کولي
ڪيو ويو تان جو انهي ڪم ڪندڙ سنڌي سماجي ڪارڪن کي هرڪو ڌن داتا چور ۽ ٺڳ سمجهي پاسو
ڪرڻ لڳو نتيجي ۾ سموري ايندڙ فنڊنگ مدي پئجي ويئي، جنهنجو نقصان سڄيءَ سنڌ ڀوڳيو. اهو
موضوع وري ڪنهن ٻئي ڀيري، اڄ اچو ته ڏسون ٿر ۾ مينهن بابت ڪو مذڪو ڇيڙيون، جنهن ۾ ماضي
به ياد ڪريون ته مستقبل جي اوک ڊوک لاءِ اک ڊوڙايون.
Subscribe to:
Posts (Atom)