انساني عضون سان منسوب اصطلاح
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ٻولي جي ذريعي ئي هڪ انسان ٻئي انسان آڏو پنهنجي
مدعا ۽ مقصد بيان ڪري ٿو. جڏهن ڪو انسان اهڙو اظهار عام لفظن ۾ ڪري ٿو ته اهڙي
اظهار کي عام ٻولي سڏيو وڃي ٿو، پر ادبي ۽ شسته زبان لاءِ ناليواري اديب حڪيم فتح
محمد سيوهاڻي پنهنجي ڪتاب ”آفتابِ ادب“ ۾ هڪ سڌريل ۽ معياري ٻوليءَ جي حوالي سان
جيڪي معيار ٻُڌايا آهن سي هن ريت آهن.
Û ٻوليءَ
۾ ڪراهت يا گراني نه هجي. يعني لفظن جا آواز ٻڌندڙ جي ڪنن ۽ دل تي بار جو باعث نه
بڻجن.
Û دنيا جي هر هڪ شيءِ جا نالا ۽ هر هڪ معنيٰ لاءِ وٽس لفظ موجود هجن، کوٽ
جي صورت ۾ ٻين ٻولين مان لفظ وٺي به پورائوو ڪري.
Û وٽس هڪ
معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جون گهڻيون معنائون هئڻ گهرجن.
Û هم
قافيه، تُڪ بندي ۽ تجينس حرفي وارا لفظ پڻ ادبي ٻوليءَ جي اهڃاڻن مان ليکيا وڃن
ٿا.
Û ٻولي
ٻين ٻولين مان لفظ وٺي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي.
Û ٻين ٻولين کي پڻ پنهنجي
لفظن جي خزاني مان کُلي دل سان لفظ آڇيندي هجي.
Û نئين
ايجادات سان گڏ انهن لاءِ نوان لفظ گهڙي سگهي يا ٻين ٻولين مان حاصل ڪري پاڻ ۾ جذب
ڪرڻ جي سگهه رکندي هجي.
Û منجهس
اهڙي صلاحيت هجي جو انسائيڪلوپيڊيا تيار ڪري سگهجي.
Û گرامر
مطابق هجي.
Û علم بديع و بيان ۽ علم معاني جي خزاني سان مالا مال
هجي.
Û منجهس
اصطلاح ۽ محاورا، تشبيهون ۽ ڪنايا، مثال ۽ پهاڪا ملڪ جي رسم و رواج ۽ ماڻهن جي
سڀاءَ ۽ طبيعت مطابق جڙيل هجن.