نِج سنڌي لفظن جي اُپٽار
گرڏنه لعل سچڏيو/لاڙڪاڻو
دوست خير محمد ٻرڙو سيوهاڻيءَ جو هڪ خط ۵ جولاءِ ۲۰۱۳ع
جي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن لفظ ”ڪهرام“ جي معنى ۽ مطلب واضح ڪيو آهي،
ان سان منهنجي علم ۾ به اضافو ٿيو آهي. البته منهنجو مقصد پنهنجي نِج سنڌي ٻوليءَ جي
لفظن کي نروار ڪرڻ آهي. اسانجا گهڻا دوست مختلف ٻولين جي لفظن کي استعمال ڪرڻ ۾ فخر
محسوس ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماءُ جي لوليءَ واري ٻوليءَ جي لفظن کي اُچارڻ ۾ عار محسوس
ڪندا آهن. صوفي بزرگ لطيف سرڪار جي ٻولي ۽ ڊاڪٽر گربجشاڻيءَ جي لکڻي، جنهن ۾ شاهه جو
رسالو ترتيب ڏنل آهي، کي ڪيئن ٿو نظر انداز ڪري سگهجي. اها پڻ حقيقت آهي ته، سنڌي ٻوليءَ
جي جُڙڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ کان اڳ يا پوءِ ايجاد ٿيل شين جا نالا، ٻوليءَ مان خارج نٿا ڪري
سگهجن، ليڪن ان جو ترجمو ڪري سگهجي ٿو. جهڙوڪ؛
ٽيليفون = دُورگو.
ٽيليويزن = ڏورنما.
سائنس = تجرباتي علم.
بِلُ = حسابي فردي.
سائيڪل = پيرڙي.
گلاس = بلوري برتن.
بئروميٽر = هوا پيما.
مشين = ڪَلَ.
بلب = قمقمو.
ريفريجريٽر = سرد خانه.
بئنڪ = ساهوڪاري. وغيره.
جيڪڏهن مروج سنڌي لفظن کي اصل شڪل ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ
استعمال ڪيو وڃي، ته نئين نسل کي اُن جي ڄاڻ رهندي. مثال طور، اگر ھيٺ ڄاڻايل لفظن
کي ھيئن لکيو ۽ پڙهيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
بوٽ = جُوتو.
سُوٽ = جوڙو.
بونس = ساليانو انعام.
بينر = جَهنڊو.
بزنس = ڪارونهوار.
بيگ = ٿيلهو.
ٽئڪس = محصول.
بئراج = بند.
قميص جي بٽڻ = ٻِيڙو.
فيشن = رواج.
ماڊل = نمونو.
لَنچ = مانجهاندو.
وارنٽ = اجازت نامه.
نوٽيس = اطلاع.
بيلٽ = راءِ شماري.
بونٽ = مشين جو ڍڪڻ.