Monday, November 28, 2011

جيڪي ڪندا مئي - محمد يامين


جيڪي ڪندا مئي، سو جانب ڪريو جيئري!
محمد يامين سومرو/ ڇور (ٿر)

هن ڀيري برساتون اُڙم وسيون. گاهه پٺو به اڻ ميو اُڀريو. ويران ٿر ۾ به گاهه ۽ وليون وڻن تي چڙهي ويون. مڇر، مکيون ۽ ٻيا زهريلا جيت به اناف سناف پيدا ٿيا آهن. تن ساهوارن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آهي. نه ڪا رات ٿي گذري سُک سان ۽ نه ڪي ڏينهن ٿو تمام ٿئي آرام سان! هڪ ٻوڏ جو روپ، ۽ ٻيو سم نالن جي گهارن متيون منجهايون، ٽيون زهريلن جيتن جاندار جانيون جلائي ڇڏيون آهن. مسڪين ماروئڙن وٽ ڪٿي آهن اي سي ۽ بجلي، پکا، جيڪي ڪجهه بچاءُ ڪن. اڳي مڪڙ مار دوا ميٽوڙي پائوڊر جهاز ڇٽڪاري مڪڙن جي ٻچن کي ختم ڪندا هئا ۽ مليريا عملو به ميٽوڙي پائوڊر ڳاري در در وڃي ڦوهارو ڪري مڇر، مکين ۽ ٻين زهريلن جيتن کي يعني ڦڪن کي ناس ڪندو هو. هاڻي خبر ناهي ته اُهو مليريا عملو ڪيڏانهن ويو؟ 
منهنجي گذارش آهي ته، ميٽوڙي دوا جو مليريا وارن هٿان گهر گهر ۽ جهر جهنگ ۾ ڦوهارو ڪرائي، ساهه وارن کي سُک بخشيو وڃي. ور نه ته ٻوڏ ۾ لڙهي وڃڻ کان بچي ويل انسانن ۽ حيوانن کي مڇر ۽ ٻيا زهريلا جيت ختم ڪري ڇڏيندا. اختيار ڌڻين کي عرض آهي ته؛ جيڪي ڪندا مئي، سو جانب ڪريو جيئري.

مطلب: جيئري ڪين سٽيائون، مئي دٻ دٻ پٽيائون.

روزاني ڪاوش جي ٿورن سان

Tuesday, November 22, 2011

پهـاڪو - قاسم ٻگهيو

پهـاڪو
قاسم ٻگهيو

اسان جو عوامي ادب، جنهن کي لوڪ ادب سڏيون ٿا؛ اصل ۾ اسان جو قديمي ۽ قيمتي، فطري ۽ بنيادي ادب آهي، جنهن ۾ عوام جي عادتن، حالتن ۽ طبعي طور طريقن جو بيان آهي. انهيءَ جو ابتدائي پس منظر جاچڻ لاءِ جي تاريخ تي نگاهه ڪبي، ته معلوم ٿيندو ته هن ملڪ ۾ سدائين ڪي ساڳيون حالتون قائم ڪين رهيون آهن. هزارين سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هتي ڪيئن مختلف اجنبي قومون، هڪ ٻئي پٺيان پنهنجوپنهنجو وارو وڄائينديون پئي آيون آهن. مثلاً: حبشي ۽ حامي، سميري ۽ سامي، آريا ۽ ايراني، يوناني ۽ توراني، ساڪ ۽ سٿين، پهلوا ۽ پارٿين، ڪوشان ۽ ساساني، عرب ۽ افغاني وغيره، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي ايامڪاريءَ ۾، هتي نئين سِج نوان چلامانَ چالو ڪري مقامي ماحول ۾ نت نوان تغير پيدا پئي ڪيا آهن. هر ڪنهن فاتح قبيلي، فقط پنهنجي قبائلي مذاق ۽ تمدن کي فوقيت ڏيندي. ان کي ساري جڳ جو معيار پئي بڻايو ۽ ان جي برعڪس هر اڳئين ادب ۽ روايت کي پنهنجي شاهي مجلسن مان ڌڪي ٻاهر پئي اڇلايو آهي پر ڪنهن به ڳالهه ۾ جيڪڏهن زندهه رهڻ جي ٿوري به صلاحيت موجود آهي ته ان کي بيشڪ بقا آهي (Survival Fittest) انهيءَ اصول تحت ئي هر ڪنهن عهد جي فاتحن جون ڪي رد ڪيل روايتون وري عوام جو اجتماعي آواز بڻجي عوامي ادب جي ڪشڪول ۾ ڪٺي ٿينديون پئي آيون آهن. اهڙي طرح هر گذريل دور جو معياري ادب وري ايندڙ هر زماني ۾ ڦري “لوڪ ادب” پئي بڻيو آهي. پر اهو قديم ادب (لوڪ ادب جي حيثيت ۾ ئي سهي) بجاءِ فنا ٿيڻ جي ويتر گڏيل وياج وانگي ويجهندو ۽ بنيادي گنج ۾ ٻيا گنج گڏيندو پئي آيو آهي. اسان جو فطري ۽ روايتي ادب، انهيءِ ڪري ڪيترن ئي قومن جي گڏيل فڪر ۽ مسلسل جدوجهد جو هڪ مرڪب آهي.

Monday, November 21, 2011

ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون! - دليپ رتناڻي


ڪينيڊا جو ڪلچر ۽ سنڌي چوڻيون!
دليپ رتناڻي
 منهنجي پاڙي ۾ جارج نالي هڪ گورو انگريز رهي ٿو. هڪ ڏينهن برسات جي موسم ۾ ڪچهري ڪندي مون جارج کان پڇيو ته؛ ”جڏهن تو پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ته ڏاج ۾ ڇا ڏنو؟“ تنهن تي جارج حيران ٿيندي چيو ته؛ ”پرڻائڻ ۽ ڏاج واري چڪر ۾ وڃڻ جو. هتي ڪئناڊا ۾ ڪو رواج ئي ڪونهي. اوهان ديسي ماڻهن جو ته مٿو ڦريل آهي. هروڀرو ويٺا اجايون رسمون ريتون کڻي پيا هلو.“ مون چيو ته اهو اسان جو سنڌ جو ڪلچر آهي. چيائين ته؛ ”ڇا جو ڪلچر، بيوقوفي وارين ڳالهين کي اوهين پيا ڪلچر سڏيو.“ خير اهو ته هو جارج جو موقف، پر پاڻ جارج جي موقف کي ٿورو مختلف انداز ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

Monday, November 7, 2011

رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا - الطاف شيخ


رباط جا چوڻيون ۽ پھاڪا
الطاف شيخ

ملائيشيا ۾ هوندو هوس ته، اتي مونسان گڏ ڪم ڪرڻ وارا ڏهاڪو کن ماڻهو مختلف ملڪن جا هوندا هئا. سئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ هڪ سؤ کان به مٿي ملڪن جا ٻه سؤ کن شاگرد هئا. ڪجهه ٿورن ملڪن کان علاوه هر ان ملڪ جا هئا جيڪو يونائيٽيڊ نئشنس جو ميمبر ملڪ هو. ظاهر آهي اها يونيورسٽي ئي UNO جي اداري  TMOجي هئي. ٻن سالن جي اتي رهائش ۾ روزانو مختلف ملڪن جي شاگردن سان خبر چار ٿيندي هئي ۽ نوان نوان تجربا ٿيندا هئا جن جو احوال پنجن ڪتابن (اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ملير کان مالمو، ڪراچي کان ڪوپن هيگن، جت برف پوي ٿي جام ۽ يورپ جا ڏينهن يورپ جون راتيون) ۾ قلمبند ڪيو اٿم. ڪنهن کان ڪو سٺو شعر، پهاڪو يا چوڻي ٻڌندو هوس ته نوٽ ڪري وٺندو هوس. انهن شاگردن ۾ هڪ عبدالوهاب اڪوح نالي موراڪو جو پورٽ ڊائريڪٽر پڻ هو. وڏو نفيس قسم جو ۽ شاعراڻي طبيعت جو هو. مادري زبان عربي ۽ تعليمي زبان فرينچ کان علاوه انگريزي به سٺي ڳالهائيندو هو. پاڻ مونکي ٻڌائيندو هو ته، سندس ذات اڪوح موراڪو (مراڪش) ۾ اتاهين درجي جي مڃي وڃي ٿي- جيئن اسان وٽ سيد پير آهن. ضرور سندس خانداني رتبو مٿانهون هوندو تڏهن ته سعودي عرب توڙي يمن ۽ مصر جا عرب به سندس عزت ڪندا هئا. سياري جي موڪلن ۾ هو ڳوٺ ويو ته مونکان به پڇڻ آيو ته؛ ”ڇا آڻيان؟“
”هڪ ڪم ڪجانءَ!“ مون چيومانس؛ ”پير صاحب ته آهين. پنهنجي ڪنهن خليفي کان توهان جي ملڪ ۾ عام استعمال ۾ ايندڙ پهاڪا لکرائي اچجان. آئون اخبار ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان!“
”ضرور، پر انهن سان گڏ منهنجو به ذڪر ڪجان!“ 

Tuesday, November 1, 2011

“پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر - پروفيسر نذير احمد سومرو


پهاڪن جي پاڙ” تي وچٿري نظر
پروفيسر نذير احمد سومرو

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ضلعي لاڙڪاڻي مان جن اديبن پنهنجي لکڻين جي ذريعي نالو ڪمايو، منجهن هڪ نالو عبدالڪريم سنديلي مرحوم جو به آهي. مرحوم عبدالڪريم سنديلو ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ تعلقي لب دريا (هاڻي ڏوڪري) جي هڪ واهڻ محراب سنديلي ۾ پيدا ٿيو. شروعات ۾ سنڌي پرائمري ماستر ۽ پوءِ سنڌي پرائمري استادن جي تربيتي اداري ٽريننگ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ٽيچر ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ٿيو. ترقي ڪندي پروفيسر (ايسوسيئيٽ) جي عهدي تي پهتو، جتان رٽائر ڪيائين. ڪجهه وقت ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ گورنمينٽ ڪاليج سيوهڻ جو پرنسپال به ٿي رهيو. سنديلي صاحب کوڙ سارا ڪتاب به لکيا جن ۾ تحقيق لغات سنڌي، ڏهس نامو ۽ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو قابل ذڪر آهن. لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو” سندس پي ايڇ ڊي جو شايد موضوع به هو. سندس پي ايڇ ڊي جو نگران برصغير تائين شهرت رکندڙ عالم دين، اديب ۽ ضلعي لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مولانا غلام مصطفى قاسمي صاحب هئا. سنديلي مرحوم جو هڪ ڪتاب “پهاڪن جي پاڙ” نالي سان آهي. جيڪو هن 1966ع ۾ پنهنجي هڙان خرچ ڪري ڇپرايو هو. هن ڪتاب تي سنڌ جي ٻن وڏين هستين جهڙوڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مخدوم طالب مولى جا رايا پڻ ڏنل آهن. هيءُ ڪتاب سڀ کان پهريون دفعو 1966ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاڪستان (اليڪٽرڪ) پرنٽنگ پريس مان ڇپيو هو. جنهن جو مالڪ لاڙڪاڻي جو هڪ صحافي محمد خان شيخ هو. 

ورجيسون ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


ورجيسون ڪتاب بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو

دنيا جي مڙني قومن ۾، چاهي ڪهڙو به مذهب رکندڙ هجن، پنهنجي جداري ثقافت ۽ تهذيب، تمدن ۽ ٻوليءَ هوندي به جيڪا ڳالهه گهڻي ڀاڱي مشترڪ آهي سي آهن پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون. فرق رڳو ٻوليءَ جو ٿئي ٿو. مثال طور انگريزيءَ ۾ سوئيٽي (Sweetie) فارسي، اردو ۽ پشتو ۾ شيرين ۽ سنڌيءَ ۾ مٺڻ. ائين پهاڪا، محاورا يا اصطلاح ۽ ورجيسون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان سڀني قومن جي ٻولين ۾ (سواءِ سنسڪرت) ساڳي طرح استعمال ٿين ٿا يا ڪيا وڃن ٿا، سواءِ ڪنهن هڪ اڌ محاوري يا پهاڪي ۽ ورجيس جي. جيئن پشتو ڳالهائيندڙ هڪ پروفيسر شميم اختر يوسف زئي (ڪراچي) مون کي پشتو ٻوليءَ جو پهاڪو ٻڌايو ته :
پنهنجي ڪُڪڙ جو منهن ڪارو نه ٿئي جو پراون گهرن ۾ آنا لاهي ته پاڙي وارن سان جيڪر ڇو وڙهئون؟

موزون آکاڻين ذريعي جڙيل پهاڪا ۽ چوڻيون ڪتاب بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو

موزون آکاڻين وارا پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو

جيئن انساني زندگيءَ جي تاريخ جي ڪهاڻي پراڻي آهي، تيئن پهاڪن جي تواريخ به پراڻي آهي. اڄ تائين ڪو به پڪ ۽ وثوق سان چئي نه سگهيو آهي ته انسانن سان آباد هن رنگين دنيا جي سڀني ٻولين منجهان اها ڪهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو ڪنهن پهاڪو ٻڌو ۽ ٺاهيو؟ ائين ئي هيءُ سوال به اڃا تائين حل طلب آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ پهريون پهاڪو ڪڏهن ٺهيو؟ يا پهريون ڀيرو سٺن لفظن تي مشتمل مڪمل يا اڌورو جملو ڪنهن چيو؟ جيڪو معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان ايترو ته ڀرپور هيو جو سڀني انسانن متفق ٿي ان کي پهاڪو ڪوٺيو؟!! يا اهو ايترو وڻندڙ ۽ وزندار هيو، جو سڀني کي وڻيو ۽ باقي پهاڪا پنهنجو پاڻ هڪ ٻئي جي پويان ٺهندا ويا. اچرج جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته دنيا جي سڀني قومن جي مختلف اٿڻي ويهڻي ۽ تهذيبي تضاد جي باوجود پهاڪا/ چوڻيون معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان رڳو هڪجهڙا نه آهن، پر ڄڻ هڪ ٻئي جو نعم البدل آهن، هڪجهڙائي به ايتري جو، هڪ کي لڪائي ٻئي کي ڪڍ! ان جو هڪ سبب هي به نظر اچي ٿو ته انساني جبلتون هڪجهڙيون آهن، ڀلي جسماني رنگ ۽ رت جو گروپ مختلف ڇو نه هجي.

اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر - پروفيسر نذير احمد سومرو


اُترادي پهاڪا ۽ چوڻيون بابت سادا اکر
پروفيسر نذير احمد سومرو

هن، عجب ۾ وجهندڙ حسين ۽ رنگين، ڪائنات جي جوڙيندڙ ڌڻي تعاليٰ جي ڌرتي چئن طرفن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ طرف جو نالو ”اُتر“ آهي. اولهه طرف جيان سنڌ ۾ ”اُتر“ کي به مقدس حيثيت حاصل آهي. عام مشاهدو آهي ته سنڌين جي اڪثر آبادي اُتر ڏي پير ڪري، ڪونه سمهي چي؛ ”اُتر طرف ته يارهين واري پيران پير دستگير جو روضو مبارڪ آهي، اوڏانهن پير ڪري ڇو گنهگار ٿيون؟“ جاگرافيائي لحاظ کان سنڌ جي مٿئين يا اترئين ڀاڱي کي ”سرو“ يا ”اُتر“ چيو وڃي ٿو ۽ اُتان جي رهاڪن کي اُترادي ۽ سنڌ جي هيٺئين ڀاڱي کي لاڙ ۽ اتان جي رهندڙن کي لاڙيچو سڏجي ٿو. وٽن اُترادي لفظ جو مفهوم ڪجهه اُگرو آهي. جنهنڪري هيٺين چوڻي مشهور ڪئي اٿائون:

“اُترادي ڍڳو، لاڙ جو ماڻهو”
يا
“لاڙ جو ماڻهو ، اُترادي ڍڳو”