Monday, January 31, 2011

هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون- انجنيئر عبدالوهاب سھتو


هاڪاري ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون

انجنيئر عبدالوھاب سھتو
سنڌي زبان جي حيثيت، بين الاقوامي ٻولين جھڙي آهي. منجهس علم ادب وارين سمورين خوبين/ خصوصيتن سان گڏوگڏ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي لفظن/ محاورن کي هضم ڪرڻ ۽ سندن نعم البدل ڄڻڻ جي به وڏي سگهه  موجود آهي. ان کان علاوه ٻين ڪيترن علمن کي سمائڻ ۽ سميٽڻ جو به گڻ اٿس. انھيءَ سان گڏوگڏ، وٽس پنھنجو به وسيع لوڪ ادب سرجيل آهي ۽ ان جي ڄڻڻ/ سنڀالڻ جون به گوناگون خوبيون اٿس.
لوڪ ادب جي شاخن منجهان هڪ شاخ ”پھاڪا ۽ چوڻيون“ آهي، جيڪا وڏي اهميت جي حامل هوندي، وڏي ۽ ويڪري تاڃي پيٽي سان اُڄيل آهي. منجهس بي انتھا وسعت به آهي ۽ ڪيترن ئي رنگن/ گلن جي جڙاوت به مٿس ٿيل آهي.
رنگن جي اهڙي ئي هڪ ٽڪسالي، پھاڪن/ چوڻين جو انتھائي ننڍڙو روپ آهي. سنڌي زبان ۾ ايترا ته ننڍڙي روپ وارا پھاڪا آهن، جن جو ٻيءَ ٻوليءَ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي.

ٽن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون -انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ٽن لفظنتي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون 
انجنيئر عبدالوهاب سھتو


پھاڪو ڇاکي ٿو چئجي؟ ان کي ڪيئن پرکجي؟ هر ماڻھو اهو ڄاڻڻ ضرور چاهيندو آهي. ان لاءِ محققن هيٺيون ڪسوٽيون مقرر ڪيون آهن. جيڪڏهن پھاڪو سڏائيندڙ جملو، انھن ڪسوٽين تي پورو ٺھڪي اچي ٿو ته ان کي پھاڪو مڃبو. ٻيءَ صورت ۾ ان کي رد ڪري ڇڏبو.
1- منجهس ڪونه ڪو نقطو سمايل هجي.
2- مڪمل جملو هجي. (جنھن ۾ فاعل، فعل ۽ مفعول سمورا موجود هجن).
3- عوام ۾ مقبول/ معروف/ مشھور هجي. (عام ماڻھو ان جو مفھوم سمجهي).
4- روپ تمام ننڍڙو هجيس. (جهٽ ياد رکڻ جھڙو هجي)
ننڍڙي روپ واري شيءِ، سمجهڻ/ سمجهائڻ/ ياد رکڻ سولي آهي. ان جي حيثيت گوليءَ واري آهي. جيڪا ڏسڻ ۾ ننڍڙي آهي پر کُلم وڏا ڪندي آهي.
سڌريل ٻوليءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته منجهس پھاڪا/ چوڻيون جام هجن. دنيا جي سڌريل ٻولين منجهان سنڌي ٻولي به هڪ آهي. منجهس ڪيترائي ننڍڙي روپ وارا پھاڪا/ چوڻيون آهن.
سنڌي ٻوليءَ ۾ به ڪيئي ننڍڙي روپ وارا، جامع مطلب ۽ وڏي اهميت جا حامل پھاڪا/ چوڻيون آهن. جيئن ٻن لفظن تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون. هاڪاري، ناڪاري لفظن جي جوڙي تي مشتمل پھاڪا ۽ چوڻيون. انھن بابت، اڳي ڄاڻ ڏئي چڪا آهيون. هتي فقط انھن پھاڪن/ چوڻين بابت آگاهي ڏجي ٿي، جيڪي مڪمل جملو هوندي، پاڻ ۾ نقطو سمائيندي، عوام ۾ مشھور رهڻ جي باوجود، ٽن لفظن تي مشمل آهن.

ٻن لفظن تي مشتمل چوڻيون ۽ پھاڪا - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ٻن لفظن تي مشتمل چوڻيون ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پهاڪا ۽ چوڻيون، ٻوليءَ جو زيب ۽ زينت آهن. انهن جو سٽاءُ اهڙو ته پرڪشش ۽ دلپذير ٿئي ٿو جو جملي کي زيبائتي ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه لڳي. موقعي جي نسبت سان استعمال ٿيل پهاڪا ۽ چوڻيون، هڪدم دل تي تمام گهڻو اثرانداز ٿين ٿا ۽ ٻڌندڙ کي جهٽ ياد ٿيو وڃن. دل کي عجيب قسم جو سرور بخشڻ سان گڏوگڏ، مٿس عجيب ڪيفيت اڪيري ٿا وڃن. ڇاڪاڻ ته اهي چوڻيءَ جي چوڻي ۽ نصيحت جي نصيحت هوندا آهن.
اهو عام مروج گفتو، جملو يا ٽوڻو، جيڪو عوام ۾ مقبول ۽ مروج هجي، عوام جو پنهنجو هجي. عوام جي زبان ۾ هجي، جنهن ۾ ڪنهن شاعر، ٻهڳڻ يا سگهڙ جو نالو نه هجي ۽ نه تخلص هجي ۽ جيڪو زماني کان وٺي عوام ۾ سيني به سيني هلندو آيو هجي، تنهن کي پهاڪو يا چوڻي چئبو آهي. اهو پنهنجي هيٺين خاصيتن جي ڪري، ڪوزي ۾ بند درياهه جي مثل هوندو آهي.
* ٿورَ-اکرائي يا ننڍڙو روپ.
* وِيچارن جي گهرائي.
* لوڪَ/ عوام ۾ انهيءَ جو پرچار.
دنيا جي جدا جدا ٻولين ۾ جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن جو گهڻو ڪري ننڍڙو روپ هوندو آهي. اهي ڪنهن لساني سماج ۾ مروج استعمال هيٺ هوندا آهن. جيڪڏهن پهاڪو وڏو هوندو ته اهو ڪنهن مقرر روپ ۾ ماڻهن کي ياد نه رهندو. ان ڪري انهيءَ جي ڦهلاءَ ۽ پرچار ۾ به رڪاوٽ پوندي رهندي. انهيءَ ڪري ٿور-اکرائي يا اختصار، پهاڪي جي هڪ مکيه وصف آهي. سنڌيءَ ۾ ننڍڙي ۾ ننڍڙا جيڪي پهاڪا ملن ٿا، انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ، ٻه لفظ ضرور استعمال ٿيل آهن. اها به حقيقت آهي ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ هڪ لفظ تي مشتمل پهاڪو نظر نه ٿو اچي. اهي جملا ضرور آهن پر اهي پهاڪا نه آهن. مثال طور اچ! کاءُ! واهه! شاباس! هيڏانهن وغيره. اهي پنهنجي مفهوم مان مڪمل جملا آهن. نموني طور هتي انهن پهاڪن ۽ چوڻين جا مثال پيش ڪجن ٿا، جيڪي ٻن لفظن تي مشتمل آهن. وضاحت لاءِ هم معنى پهاڪا به ڀراء طور هيٺان ڏنا ويا آهن.

حيدرآباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون -انجنيئر عبدالوھاب سھتو


حيدرآباد جا چوڻيون ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

جڏهن سائين عبدالحسين نظاماڻي صاحب جي ذاتي ڊائريءَ تان کنيل پھاڪن ۽ چوڻين بابت، مضمون جوڙڻ جو ارادو ڪيم، تڏهن کين هن فاني جھان مان لڏئي چار پنج مھينا گذري چڪا هيا.
سيپٽمبر 2002ع ڌاري، سندس فرزند ۽ اسان جي کاتي جي انجنيئر، سڪندر علي نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر فون ڪيم؛ “اوهان جي والد صاحب جي ڊائريءَ تان نوٽ ڪيل پھاڪن ۽ چوڻين بابت مضمون جوڙڻ جو ارادو ڪيو اٿم. هڪ ته کانئس ٻيھر ڊائري وٺي موڪل ۽ ٻيو ته سندس زندگيءَ جو حال احوال کپي، يا مون سان فون تي سائينءَ کي ڳالھراءِ يا کانئس لکرائي موڪل.”
“توهان کي خبر ناهي ڇا؟” ٻئي طرف کان آواز آيو.
“ڇو؟ ڇا جي؟”
“بابا سائين ته اپريل ڌاري وفات ڪري ويو آهي؟”
“اوهه! اِنا لله و انا اليه راجعون. الله سائين کين جنت ۾ جاءِ ڏئي. بھرحال مون کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي! اميد ته جلد تعزيت لاءِ تنھنجي ڳوٺ ايندم.”
“ڊائري وغيره جيڪا چئو سا اوهان ڏي ڏياري موڪليندم، باقي حال احوال مون لاءِ لکڻ ڏکيو آهي. ائين واتين ويڻين، يا فون تي چئو ته اوهان کي ٻڌايان .....”
“ڪن پھاڪن ۽ چوڻين بابت وضاحت به کپندي. سا ڪيئن ملندي؟”
“اهي لکي موڪلجو ته چاچا سائينءَ کان، انھن بابت وضاحت لکرائي موڪليندم.”
انھيءَ خط و ڪتابت ۽ فون واري رابطي کي ٻه چار مھينا گذري ويا. انھيءَ دوران مشڪل سان ڪن پھاڪن/ چوڻين بابت ٿوري گهڻي وضاحت ملي سگهي. جڏهن ته سائينءَ جي زندگيءَ بابت حال احوال، نه برابر ملي سگهيو.
سائين، ٽيھارو سال کن، اسڪول هيڊ ماستر رهيو. گهڻو ڪري لوئر سنڌ؛ جيئندو هاليپوٽو (چينل ڀرسان) عمرالدين پنجابيءَ جي ڳوٺ، تلھار وغيره ۾ رهيو. سٺ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ منصوره ۾ پڻ رهيو.
ڇھين درجي کان ڏهين درجي وارن لاءِ خاص ڪري ڇوڪرين واسطي، نوٽس تيار ڪري ڏيندو هيو. ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڏاڍو پاڻ پتوڙيندو هيو.
شعر و شاعري پڻ ڪيائين. مزدورن جو خاص خيال ھيس. سندس چوڻ ۽ عمل ھيو ته؛ مزدور مزدوري گهرڻ لاءِ در تي نه اچي پر کيس بروقت، سڏي ڏجي. اصلاحي ۽ سماجي ڪم به ڪيائين. ڳوٺ ۾ ناليون جوڙائڻ، گهٽين ۽ نالين مان ڪچرو ڪڍرائي صفائي سٿرائي ڪرائڻ. ٻارن جو تعليم ڏانھن توجهه ڇڪرائڻ، جائز مسئلن ۾ سندن مدد ڪرڻ، نياڻين جي تعليم ڏانھن توجهه ڇڪرائڻ ۽ جائز مسئلن ۾ سندن مدد ڪرڻ. نياڻين جي تعليم ڏانھن خاص توجهه هين.

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

سال 1996ع ڌاري، رهبر ادبي سوسائٽي (راس) حيدرآباد پاران، ڊاڪٽر عبدالجبار عابد لغاري صاحب، پاڪستان نيشنل سينٽر ۾، تقسيمِ اسناد لاءِ سيمينار ڪرايو هيو، جنھن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت نامو ته ڏنائين پر پروگرام ۾ ساڻ وٺي به هليو. ان دعوت ۾ ڳالھائڻ لاءِ ادبي ميدان جي وڏين ۽ معزز شخصيتن کي ڪوٺ ڏنل هئي، جنھنڪري اتي وڃڻ پاڻ تي ضروري سمجهيم.
پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ، گڏ ٿيڻ دوران، اڳينءَ قطار ۾ ويٺو هئس. منھنجي ڀر ۾ اڌڙوٽ عمر جو، سونھاريءَ سان هڪڙو بزرگ شخص ويٺو هيو. ان تعارف ڪرائڻ واري ارادي سان، پاڻمرادو پڇيو؛ “اوهان جو به لکڻ سان تعلق آهي؟!”
“مڙيئي ٿورو گهڻو!” کيس جواب ڏنم.
“ڇا تي ٿا لکو؟”
“هونئن ته ڪھاڻيون لکندو هئس. هاڻي پھاڪن ۽ چوڻين تي ڪم ڪري رهيو آهيان.”
“ان ۾ ڇا ٿا ڪريو؟”
“في الحال ته لغت جي تياريءَ ۾ لڳل آهيان”.
“لغت ۾ ڪٿان ڪٿان جا پھاڪا ۽ چوڻيون گڏ ڪيا اٿو؟”
“سڄيءَ سنڌ جا ۽ سنڌي ادب ۾ مروج ٻين ٻولين جا پڻ!”
“هر علائقي جي حساب سان به پھاڪا آندا اٿو يا نه!؟”
“آندا ته سمورا اٿم پر علائقي جي نشاندهي آخر ۾ ڪئي اٿم. علائقي وار لغت تيار نه ڪئي اٿم، پر هاڻي لڳي ٿو ته شايد ائين ڪم مڪمل مشڪل ٿئي.”
“ڇو؟” حيرت مان پڇيائين؛ “ڇونه مڪمل ٿيندو؟”
“دراصل پنج هزار پھاڪن ۽ چوڻين تي مبني لغت تيار ڪري ڇڏي هيم. هاڻي هڪڙو ڪتاب، “ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي” هٿ آيو، تنھن ته منھنجي محنت تي ئي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي.”
“اهو ڪيئن؟”
“ان ۾ پنج ڇھه سؤ اهڙا پھاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن، جيڪي منھنجي مسودي ۾ آيل ئي ناهن. اهو ڪتاب لکيو آهي حافظ حبيب سنڌيءَ، ان صاحب وري انھن جي معنى به نه ڏني آهي”.
“ها اها ڳالهه ته صحيح آهي.” انتھائي ڪسر نفسيءَ ۽ حجاب مان ڪنڌ جهڪائيندي تبسم سان جواب ڏنائين؛ “حافظ حبيب مان آهيان، ڪتاب مون لکيو آهي. ان ۾ الاهي شيون ڇپائيءَ هيٺ نه آيون آهن. ڪجهه اداري جي پاليسيءَ سبب، ڪجهه جلدي هئڻ ڪري.”
“جيڪڏهن توهان اھو ڪتاب لکيو آھي ته پوءِ اوھان جي مدد جي ضرورت پوندي.”
“بلڪل جيڪا چوندؤ، سا اکين سان ڪبي!”
“مون کي ايڊريس ڏئي وڃو! توهان کي خط ذريعي لکي موڪليندس!”
حافظ حبيب سنڌيءَ سان، زندگيءَ ۾ اها پھرين روبرو ملاقا ت هئي، جنھن ۾ ساڻس براه راست، بلا ڪنھن توسط جي، تعارف ٿيو هيو. پاڻ انتھائي اشراف ۽ هڙان وڙان خرچ ڪرڻ وارو ماڻھو آهي.
ٺٽي ضلعي جي، سجاول سب-ڊويزن جي ٽنھي علائقن، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري ڇاڻ جي پھاڪن بابت، روبرو يا خطن ذريعي، معلومات خنده پيشانيءَ ۽ کليءَ دل سان پھچائيندو رهيو آهي.
وٽانئس، مٿين علائقن بابت، لاڙي ۽ جتڪي محاوري/ لھجي وارن پھاڪن ۽ چوڻين بابت چڱا تفصيل مليا آهن، جيڪي مذڪوره ڪتاب ۾ آيل ناهن. علم دوستن لاءِ هتي ڏجن ٿا ته جيئن هرڪو فائدو وٺي سگهي.

ماٿيلي اٻاوڙي جا چوڻيون ۽ پھاڪا- انجنيئر عبدالوھاب سھتو


ماٿيلي اٻاوڙي جا چوڻين ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

“ماٿيلي اوٻاوڙي جي ٻولي”، سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ طرفان سال ۱۹۹۲ع ڌاري ڇپيل ڪتاب، سائين محمد فاضل شيخ جو تصنيف ٿيل آهي. منجهس انهيءَ علائقي سان لاڳاپيل ڪيترائي پهاڪا ۽ چوڻيون ڏنل آهن.
گهڻي وقت کان ارادو هو ته انهن پهاڪن /چوڻين کي ترتيب ڏئي، وضاحتن سان مضمون طور لکجي، پر ڪن پهاڪن / چوڻين جي وضاحت جي ضرورت هئي. جنهن ڪري مصنف سان روبرو ملڻ ضروري پئي سمجهيم. ساڻس ڏيٺ ويٺ نه هئڻ ڪري تاخير ٿيندي رهي.
هڪ ڏينهن منهنجو اسسٽنٽ انجنيئر محمد عثمان کوسو، ڪنهن دوست سان موبائل فون تي ڳالهائي رهيو هو ۽ کيس چئي رهيو هو؛ “مان سکر ٿو وڃان! اتي سائين محمد فاصل شيخ صاحب جي پٽ جي شادي آهي! اها اٽيند ڪرڻي آهي.”
سائينءَ جو نالو ڪَنَ تي پوندي ئي ڏانهنس توجه ڇڪجي ويو. يڪدم سائينءَ بابت کانئس پڇيم. سندس جواب مان معلوم ٿيو ته سائين بلڪل اهو ئي فاضل شيخ آهي، جنهن سان ماٿيلي / اوٻاوڙي جي پهاڪن / چوڻين بابت ملڻ جي ضرورت هئم.
سائينءَ سان پهرين فون تي رابطو ٿيو. ڏاڍيءَ سڪ سان سکر اچڻ جي دعوت ڏنائين. سکر هاءِ ڪورٽ ۾ سڏ هو. جنهن ڪري ڏهين آگسٽ ۲۰۰۴ع تي پنهنجي ڪلارڪ عبدالرشيد شيخ جي معرفت، سائينءَ جي بنگلي تي وڃي پهتس. شام جو ساڍي ستين کان رات جو ٻارهين بجي تائين، بجليءَ جي اکٻوٽ ۾، ڪچهري هلي. سيد احمد شاهه عرف استاد بخاريءَ وانگر، سائينءَ جي گهرو يا مادري زبان سرائڪي آهي. ڏهرڪي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ جنم ورتائين. سال ۱۹۵۴ع ڌاري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. سال ۱۹۶۵ع ڌاري ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشوري ۾ آيو. جتي پنج سال کن، گڏيل پاڪستان جي مختلف ٻولين ۽ مضمونن وارا ۲۸ کن ڪتاب ترجمو ڪيائين. پنهنجي محسن دوست محرم محمد صالح راهوءَ جي زور ڀرڻ تي، سال ۱۹۶۹ع ڌاري پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سنڌيءَ جو ليڪچرار ٿيو ۽ سکر ۾ پوسٽنگ ٿيس، جتان رٽائر ڪيائين.
سکر واري ايامڪاريءَ ۾ به ڪيترائي درسي ڪتاب ترجمو ڪيائين. ان کان علاوه “اصغر سائينءَ جو ڪلام” به تحقيق ڪري تشريح سان ترتيب ڏنائين، جيڪو جميعت علماءِ سڪندريه جامعه راشديه درگاهه حضرت پير صاحب پاڳاره پير جو ڳوٺ طرفان چوٿين ايڊيشن طور سال ۱۹۹۹ع ڌاري ڇپيو آهي.
پهرين ملاقات دوران، ڪتاب ۾ آيل ڪن پهاڪن / چوڻين جون وضاحتون معلوم ٿيون. ڪجهه نوان پهاڪا / چوڻيون لکيل پنن تان پڙهي ٻڌايائين. ٻي ملاقات ٻيءَ شنوائيءَ دوران، ستين سيپٽمبر ۲۰۰۴ع تي رات جو نائين بجي کان ٻين بجي تائين هلي. ستر سالن جي هن ڪراڙي مڙس، نوجوانن وانگر وڏي هوشناڪيءَ سان لکيل پنن تان رهيل پهاڪا ۽ چوڻيون پڙهي ٻڌايا. هر هڪ بابت زباني وضاحت پڻ ٻڌايائين. اهي سمورا پهاڪا / چوڻيون، الفابيٽ جي ترتيب سان پڙهندڙن جي دلچسپيءَ لاءِ هيٺ ڏجن ٿا.

خيرپور جا چوڻيون پھاڪا- انجنيئر عبدالوهاب سھتو



خيرپور جا چوڻيون ۽ پھاڪا
انجنيئر عبدالوهاب سھتو

اپريل ۲۰۰۱ع ڌاري، قاسميه لائبريري ۾ سائين محمد ادريس سومرو صاحب، ڪچهري ڪندي ٻڌايو: “ماستر عبدالرحمان چنا، پيرڳوٺ واري کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق آهي! مون کان اوهان جي لاڙڪاڻي واري ايڊريس گهريائين. مون وٽ ڪانه هئي، تنهنڪري ڪانه ڏنيمانس!”
“پر! مان ته کيس سڃاڻان ئي ڪونه!” حيرت مان ورندي ڏنيمانس.
“هتي آيو هيو!” سائين ڳالهه کي اڇو ڪندي ٻڌايو؛ “کيس پهاڪن وغيره گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. گڏ به ڪيا اٿائين! اوهان جي شوق بابت کيس ٻڌايم ته ملاقات ڪرڻ لاءِ اشتياق ڏيکاريائين. ايڊريس به طلب ڪيائين. مون وٽ نه هئڻ جي ڪري، پنهنجي ايڊريس ڏئي ويو آهي.”
سائين سندس ايڊريس ڏيندي تاڪيد ڪيو؛ “لاڙڪاڻي پهچي کيس خط ضرور لکجو!”
لاڙڪاڻي پهچي، حڪم جي تعميل ڪيم. ستت ئي جواب پهتو. ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ڏني هئائين.
خط و ڪتابت هلندي رهي. هر خط ۾ ملاقات ڪرڻ لاءِ دعوت ۽ ڇپيل ڪتابن بابت معلومات پوي ڪيائين. انھي دوران، ڪھاڻين جو ڇپيل مجموعو: هٿ جي وڍي، کيس موڪليم. پڙهڻ پڄاڻان، ڪتاب جي تعريف به ڪيائين ۽ پهاڪن/ چوڻين جي ڪتاب جي تقاضا به ڪيائين. پهاڪن بابت ڪو به ڪتاب ڇپيل صورت ۾ موجود نه هئو، جنهنڪري کيس موڪلي نه سگهيس.
جون ۲۰۰۱ع جي شروعاتي تاريخن ۾، رتيديري مان فون آئي. ڳالهائيندڙ بنا تعارف ڪرائڻ جي چيو: “اوهان سان عبدالرحمان چنا صاحب ڳالهائڻ چاهي ٿو.”
“ملايو!” کيس چيم.
“ڪراڙپ ۽ ضعف اٿم” عليڪ سليڪ کان پوءِ عبدالرحمان چنا صاحب فون تي چوڻ لڳو، “ايڏانهن اچي نه ٿو سگهان، هتي ويجهو پهتو آهيان. ضرور ٿي وڃو.”
رتوديرو، منهنجي حد نه هئي. فرصت به ڪانه هئي. تنهنڪري وڃي نه سگهيس.
جولاءِ ڌاران فون ڪيائين؛ “مان مڙهو، پاڻ کڻائي لاڙڪاڻي اچان ٿو، ڪٿي ملندئو!” گهر جي ايڊريس ڏئي چيو مانس: “اتي واري آفيس ۾ احمد علي مگسي وٽ پهچو.” ساڻس ملاقات ۽ ماني لاءِ هڪ ڪلاڪ، ٽين کان چئين تائين، نڪري سگهيو. روبرو پهرين ملاقات هئي. ڪهچري به ٿي ۽ پهاڪن /چوڻين جي لغت وارو قلمي مسودو به کيس ڏيکاري سگهيس. ڏسڻ بعد چيائين؛ “اکر تمام سنها آهن. فوٽو اسٽيٽ ۾ چٽا نه ايندا. نه ته جيڪر فوٽو ڪاپي ڪرائي کڻي وڃان ها. افسوس! عمر جي آخري حصي ۾ نظر چٽي ناهي.”
اسي سالن جي عمر هئڻ جي باوجود بنا چشمي جي هليو چليو پئي. ڄنگهه ۾ ٿورو لَڱُ هيس، جنهنڪري هلڻ ۾ تڪليف هيس.
خيالن جي ڏي وٺ دوران خبر پئي ته پاڻ به ڪي ڪتاب سهيڙيا اٿائين، جيڪي ڇپجي نه سگهيا اٿس. ڏسڻ جي خواهش ڏيکاريمانس ته خوش به ٿيو ۽ دعوت ڏيندي چيائين؛ “اوهان منهنجي محنت جو معائنو ضرور ڪيو. ان لاءِ وقت به ڪڍو! ڪي ٻه چار راتون مون وٽ هلي ڪنگري ۾ رهو. منهنجي دعوت به قبول ڪيو”.
“ايڏو وقت ڪڍڻ مشڪل آهي!” کيس پنهنجي مجبوري ظاهر ڪندي ٻڌايم: “باقي جڏهن هاڻي ٻيهر پير ڳوٺ وڃو ته هٿ وارا قلمي نسخا ضرور کڻي اچجو. رتيدري ۾ ئي ڏسي وٺندا سين.”
ان لاءِ آماده ٿيو ۽ موڪلائي هليو ويو.
ڏهن ڏينهن کان پوءِ رتيديري فون ڪيم. سندس ڀائٽيي محمد يوسف کنئي. تعارف ڪرايومانس ته يڪدم سهڪندي ٻڌايائين؛ “چاچا کي اوهان سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هيو. ڪتابن جو ٻورٽو به پير ڳوٺ مان کڻي آيو هيو. اوهان کي فون ڪرڻ لاءِ آياسين پئي ته اوچتو دل ۾ سور پيس. پنج منٽ ٿيا جو ٽيڪسي ڪري کيس سکر موڪليو اٿم. اتي مهنهجو ڀائٽيو محمد رمضان چنا ڊاڪٽر آهي، ان جي دوا لڳندي اٿس. شام تائين جيڪو احوال مليو، اوهان کي ٻڌائينداسين!”
ٻه ڏينهن رکي ٽيپو لائبريري ڪنگري واري سرنامي تي خط لکيو مانس. موٽ ۾ فون ڪيائين.
ٻيهر فون ڪيم ته سندس ڀائٽين ٻڌايو؛ “چاچي جي آخري خواهش آهي ته اوهان مولوي محمد ادريس سان گڏجي هڪ رات لاءِ پير ڳوٺ اچو! اوهان کي اکين سان ڏسڻ چاهي ٿو ۽ ڪچهري ڪرڻ گهري ٿو”.
سائين ادريس صاحب سان ڪنڊيارو رابطو ڪيم، رتيديري ۾ محمد يوسف سان ۽ سکر ۾ ڊاڪٽر محمد رمضان چنا سان پڻ رابطو ٿيو.
پروگرام طئي ڪري، ٻئي ڏينهن شام جو سکر پڳاسين. سائين ادريس صاحب نه ملي سگهيو. وڌيڪ نه ترسياسين ۽ نڪري پيا سين. رات ڌاري پير ڳوٺ پهتاسين. محترم عزيزالله بروهي صاحب، جنهن جو ڪتاب خالق جون سائنسي ڪاريگريون به ڇپيل آهي، رات جي نماز تي موجود هيو. ساڻس محمد پور اوڍو ۾ ملاقات پڻ ٿيل هئي. جتي خبر پئي ته سائين عبدالرحمان چنا صاحب جو اصل ڳوٺ به محمد پور اوڍو، تعلقو ڳڙهي خيرو، ضلعو جيڪب آباد هيو. ماني بعد عزيزالله صاحب ته آرامي ٿيو. يارهين ڌاري سائين ادريس صاحب سکر مان ٽيڪسي ڪرائي پڳو. اڌ منو ڪلاڪ گڏيل ڪچھري ھلي. بعد ۾ سائين عبدالرحمٰن چنا صاحب سان رات جو ٽين بجي تائين نويڪلي ڪچهري هلي ۽ سندس هٿ لکيل ڪتابن تي ٽيڪاٽپڻي پڻ ٿي.
ساڍين پنجين بجي فجر نماز لاءِ اٿيا سين. چانهه پيتيسين. لائبريري ڏسڻ لا زور ڀريائين. جيڪا گهر جي ڪوٽ ۾ هئي. پردو ڪرائڻ پڄاڻان، اندر وياسين. ڇهين ڌاري چانهن پي موڪلايوسين. سائين ادريس صاحب سڌو خيرپور ويو. اسان رتيديري پهتاسين جتان ويگن ۾ لاڙڪاڻي اچي پهتم.
هفتي کان پوءِ جمعي جي صبح جو ڇهين بجي ڌاري، رتيديري کان محمد يوسف فون ڪئي؛ “چاچو عبدالرحمان چنه صاحب خدا تعالي کي پيارو ٿي ويو آھي. انالله وانا اليه راجعون، جمعي نماز کان اڳ جنازي نماز ٿيندي. اوهان کي اطلاع هجي.”
افسوس! عدم فرصت سبب وڃي نه سگهيس. سندس ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ، سندس ئي چوڻين واري نوٽ بوڪ تان ڪجهه چوڻيون ۽ پهاڪا الفابيٽ ترتيب ڏئي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ پيش ڪجن ٿا.

جيڪب آباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جيڪب آباد جا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

فتاح عابد لاشاري سان، جيڪب آباد ۾ مقرريءُ کان اڳ ئي منٺارسولنگيءَ جي معرفت واقفيت هئي. جيڪب آباد ۾ پهريون ڀيرو ۱۹۹۳ع ۾ مقرري ٿي ته پاڻ ڊاڪٽر غلام نبي صابر سڌايو سميت اچي مليو هو. ڏاڍو لائق ماڻهو هو. پاڻ هلي اچڻ ۾ عار محسوس نه ڪندو هو، نه ئي وري عام صحافي هو، بلڪه بااصول ۽ ادبي ڄاڻ رکڻ ۽ مدد ڪرڻ وارو مڙس هو. سندس والد محترم عبدالڪريم گدائيءَ جي به ڏاڍي هاڪ هئي. مون اهو ڪونه ڏٺو پر فتاح کي ته اکئين ڏٺم.
ٻين اديبن سان به زور ڪري واقفيت ڪرائيندو هو. جيڪڏھن مٿن خاڪا لکي ها ته تمام ڀلا لکي ها. نياز سرڪي عودائي سان به مرحيات پاڻ واقفيت ڪرائي هئي. پهرين سندس ڪتاب، ماموئين جا بيت کڻي آيو هو، بعد ۾ کيس ساڻ وٺي آيو هو.
نياز صاحب کي به لوڪ ادب سان لڳاءُ آهي. خاص طور تي پهاڪن ۽ چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن گڏ ڪرڻ ۽ سهيڙڻ سان. سندس ٻيو ڪتاب “قرآن ۽ سنڌي ورجيسون” جي نالي سان سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان ڇپيو آهي. جڏهن ته پاڻ ڊاڪٽريٽ جي مقالي طور، شاهه لطيف جي ڪلام ۾پهاڪا ۽ محاورا جو موضوع چونڊيو اٿائين.
پاڻ مرادو ڪچهري ڪرڻ ۽ ڪهي قرب ونڊڻ ايندو آھي. پهاڪن ۽ چوڻين واري، پنهنجي زندگيءَ جي ميڙا چوندي، سوڌڻ ۽ سنوارڻ، ترتيب ۽ تدوين لاءِ راقم حوالي ڪيائين.
ازين علاوه ڪي پهاڪا ۽ چوڻيون، ڪن دوستن کان ڪنين ٻڌم. جهڙوڪ؛ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي، پروفيسر محمد اسحاق شيخ ۽ غلام رسول ڪلهوڙو صاحب وغيره. اهي به پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ دلچسيءَ لاءِ هت پيش ڪجن ٿا.

شڪارپور جا چند پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوهاب سھتو

شڪارپور جا چند پھاڪا

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



سال ۱۹۸۹ع ۾ راقم جو پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب “هراس” ڇپيو، جيڪو چند دوستن کي پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. شڪارپور ۾ جميل احمد ابڙو جي معرفت، محترم حق نواز، نقش ناياب منگي ۽ محترم محمد انور فگار هَڪڙو صاحب جن ڏانهن به موڪليو ويو.

سال ۱۹۹۰ع ۾، شڪارپور وڃڻ ٿيو ۽ ٻنهي سان روبرو ملاقات ٿي. سائين غلام رسول ميمڻ صاحب، ماڊرن پريس واري به ملاقات جو شرف بخشيو. ائين ملاقاتن جو سلسلو جاري ٿي ويو.

اپريل ۱۹۹۸ع ڌاري، راقم جي ساڍن چئن مهينن لاءِ شڪارپور ۾ مقرري ٿي. جنهن دوران مٿي ذڪر ڪيل سنگتين کان علاوه، ارشاد احمد ڪاغذي، محترم خليل احمد مورياڻي، ڀائو اصغر سومري صاحب ۽ مرحوم نثار علي هَڪڙو صاحب جن سان روزاني ڪچهري ٿيندي هئي.

ڏوهيڙي جي صورت ۾ سنڌي پھاڪا- عبدالحسين موسوي

ڏوهيڙي جي صورت ۾ سنڌي پھاڪا

عبدالحسين موسوي


اسان سڳنڌ جي پھرئين ڀاڱي ۾ لکي چڪا آهيون ته نه رڳو پروليون ۽ ڳجهارتون ڏوهيڙن ۾ چيون ويون آهن، پر بي معنى ٻاراڻيون تڪ بنديون به ڏوهيڙن جي صورت ۾ چيون ويون آهن. اڃا به وڌيڪ کوجنا ڪندي، معلوم ٿيو آهي ته سنڌي پھاڪن جو ڳچ حصو پڻ ڏوهيڙن ۾ چيل آهي.

مثلاً:
*      سؤ وڃائجي ساءُ نه وڃائجي، چڱا ائين چون،
پَرِ اها پرَ پيرل چوي، ڪي ٿا رند رکن.
*      عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ،
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ.
*      ماءُ سا ماءُ، باقي ٻيو سڀ دنيا جو واءُ،
اهڙو لڳو واءُ، جو پنھنجا به پراوا ٿيا.
*      ماءُ مھاڻي، پيءُ دوراني،
پُٽُ پَٽَ جو پيٽيو، ڌيءُ ڏاس جي تاني.

مطلب ته جيڪڏهن ويھي باريڪ بينيءَ سان جاچبو ته سنڌي پھاڪن ۾ اهڙا سوين نه، بلڪ هزارين پھاڪا ملندا جيڪي ڏوهيڙن ۾ چيل آهن. سنڌي پھاڪا به اڻ کٽ آهن، پر ارمان آهي جو ڪنھن به سنڌيءَ اديب انھن کي لکت جي مالھا ۾ پوئڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. البت ديوان ڪيولرام سلامت راءِ آڏواڻيءَ جي ڪوشش ۽ ڪاوش کي نظرانداز ڪري نه ٿو سگهجي. هيءُ ئي پھريون صاحب آهي جنھن سنڌي پھاڪن کي گڏ ڪري گلشڪر ڪتاب جي صورت ۾ پيش ڪيو پر گهڻو ڪجهه رهجي ويو ۽ ائين چوڻ مناسب ٿيندو ته اها مھم اهڙي آهي جنھن کي سر ڪرڻ اهڙو ڪٺن ڪم آهي جھڙو ايوريسٽ چوٽيءَ کي پھچڻ. اسان کي جيتوڻيڪ پنھنجي بي بضاعتيءَ جو احساس آهي، پر اهڙي ذخيره کي نظر انداز ڪرڻ بلڪل نامناسب ٿيندو. تنھنڪري ڪجهه جناب آڏواڻي صاحب جي ڪتاب گل شڪر مان ۽ ڪجهه ٻاهران، ڏوهيڙن جي تتبع تي چيل، سنڌي پھاڪا چونڊي معنى ۽ مطلب سميت پيش ڪريون ٿا.

ماڳ مڪان وارا پھاڪا ۽ چوڻيون - انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ماڳ مڪان وارا پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

مختصر جملو، جنھن ۾ ڪو اونھون ويچار يا سُندر نڪتو سمايل هجي ۽ اهو وهنواري زندگيءَ ۾ حاصل ڪيل آزمودي تي مبني هجي، ان کي پھاڪو چئجي ٿو. جيڪو ڪنھن لساني سماج ۾ صدين کان وٺي هر هڪ پيڙهيءَ کي، زباني طور ورثي ۾ ملندو پيو اچي. انھيءَ ۾ وڏڙن جو آزمودو محفوظ آهي، جيڪو وقت تي اسان جي رهنمائي به ڪري ٿو ۽ صحيح واٽ تي هلڻ جي نصيحت به ڏئي ٿو. (1)
هر اهو جملو جيڪو تاريخ ۽ جاگرافي، ثقافت ۽ مذهب، اٿڻي ويھڻي ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾، چٿر، ٽوڪ يا تعريف وغيره جي حساب سان عوام ۾ مشھور ٿي وڃي، ان کي به پھاڪي/ چوڻيءَ جي حيثيت حاصل ٿئي ٿي.
هر ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا پھاڪا/ چوڻيون موجود آهن، جن جو ان ٻوليءَ جي خطي، ماڳ مڪان يا جاگرافيائي بيھڪ سان ضرور واسطو آهي. ڪجهه مثال هيٺ پيش ڪجن.

طبي پھاڪا ۽ چوڻيون -انجنيئر عبدالوھاب سھتو

طبي پھاڪا ۽ چوڻيون
انجنيئر عبدالوھاب سھتو

دنيا جي تختي تي زندگي گهارڻ لاءِ، هر انسان قدرت طرفان سھڻي صورت، سگهو سرير ۽ عمر جون چار گهڙيون کڻي آيو آهي. اهي چار گهڙيون به کيس تياريءَ واسطي مليل آهن ته جيئن زندگيءَ جي امتحان ۾ پاس ٿي سگهي. پاس ٿيڻ جي تياري اهو ڪري سگهندو، جنھن جو ڌيان ٻين معاملن کان هٽيل ۽ امتحان واري معاملي ڏانھن يڪسوئيءَ سان مرڪوز هوندو. ڌيان تڏهن مرڪوز رهندو، جڏهن طبيعت بحال هوندي ۽ جيءُ ڪم ۾ لڳندو. اهو سڀ ڪجهه وري تڏهن ممڪن آهي، جڏهن ماڻھو طبعي طور سنئين لڱين، تندرست ۽ سگهو آهي.
تندرست، سگهو، جانٺو جوان ئي ڪم جي لائق رهي ٿو. اهو به تڏهن، جڏهن کيس ڪا ٻي لنجهڻ نه هجي. روڳي ماڻھو پاڻ ته بيڪار رهندو پر ٻين کي به کاري بيڪار ڪري ويھاري ڇڏيندو.
سگهائيءَ ۽ جوانيءَ جي هر شيءِ مزو ڏيندي آهي. سگهه ۽ جواني آهي ته جنگل ۾ به منگل پيا معلوم ٿيندا. سرير سگهو ۽ ترشنا جوان هجي ته گونھن ۾ به سونھن آ. ان جي برعڪس سرير ٻڍو ته ترشنا به مئل. پيريءَ ۽ پوڙهپ، اگهائيءَ ۽ ڪمزوريءَ واري کي، اوچن محلن جي ڪيمخواب بسترن تي به بيقراري ۽ بيزاري پئي محسوس ٿيندي. پيريءَ ۾ ماڻھو فقط جوانيءَ کي ياد ڪري پيو ڪُرڪندو آهي.