پھرين چٽي، پوءِ ھٽي، پوءِ کٽي. (واپاري، چوڻي)
انجنيئر
عبدالوھاب سھتو
دڪان کولڻ وارا، جڏھن دڪان
کوليندا آھن. چوندا آھن؛ ”شروع ۾ سمجھو ته پئي چٽي.“
سال اڌ ۾ ٿورو گھڻو اھو دڪانڙو/ھٽڙو
ھلي پوندو آھي. وڏو ھٽ ته نه ٿيندو پر ٿورڙي ڄڻ ھٽي يا ھٽڙي ھوندي آھي، جتان پيو
پيٽ گذر ٿيندو. وقت به پيو گذرندو آھي. تعلقات به پيا ٺھندا آھن. نفعي نقصان جي ڄاڻ/
سُڌِ به پئي پوندي آھي. اک به پئي کلندي آھي ته پيٽ تڳاءُ به پيو ٿيندو آھي.