۱. ڪَتي، گھمندي ڦرندي لٿي. (چوڻي)
۲. ڀلي آئي ڪَتي، جنھن ۾
گري گنجي مَتي. (چوڻي)
انجنيئر عبدالوھاب
سھتو
مٿي، ڪتيءَ بابت، ٻه
چوڻيون ڏنل آھن. منجھانئن پھرين چوڻي، ڪتيءَ جي نکٽ بابت ۽ ٻي چوڻي ڪتيءَ جي مند
بابت آھي.
ڪتيءَ جي مند تي
نالو پڻ ڪتيءَ جي نکٽ پويان پيل آھي. جو سنڌ ڌرتيءَ جي آسمان تي جون جولاءِ جي
مھينن کان نومبر ڊسمبر تائين ڪتي اڀرندي لھندي آھي.