مڪلي ٽڪري، ننگر ٺٽو ۽
پير پٺو،
جنهن نه ڏٺو، تنهن ڪجھ
نه ڏٺو! (لاڙ، چوڻي)
منظور ڪوھيار
ڪالھ صوفي زلف علي
سان گڏجي پير پٺي جنهن لاء هڪ ٻي چوڻي/ پهاڪو به مشهور آھي، ته ’با برڪت پير پٺو؛ هڪ
مئو، هڪ ڊٺو!‘، جي درگاه ڏسڻ وياسين. واٽ تي مڪليءَ تان رونق علي قلندري فقير کي
به ساڻُ ڪيوسين. پير پٺي جي درگاه هڪ ننڍي ٽڪري جي پٺار تي ٺھيل آهي. ائين پئي لڳو
ڄڻ سنڌوءَ جي ڪنهن گم گشته درياهي تڙ جو حصو هجي. جنهن جي هيٺان وهندڙ سنڌوءَ ۾ ٻيڙن
۽ ٻيڙين جون قطارون لڳيون پيون هجن. هڪڙيون اچن ته ٻيون وڃن پيون.