Sunday, June 27, 2021

شاھه اصطلاح ساز - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

شاھه اصطلاح ساز




 

سنڌ ڌرتيءَ کي قدرت واري، جن لاتعداد نعمتن ۽ سکن سان نوازيو آهي، تن مان هڪ نعمت آ ٻولي، جنهن کي پنھنجي رسم الخط ۽ پنھنجو گرامر آهي. ان ٻوليءَ کي قائم رکڻ واسطي، منجهس رس چس ايتري رکي اٿائين جو، ان جا ڳالھائيندڙ، ان سان بيحد محبت ڪن ٿا. نتيجي طور، ان جي واڌ ويجهه لاءِ دامي درمي، قدمي سخني، مسلسل محنت ۽ مشقت ڪندا اچن ٿا. شعر چوڻ، ڪھاڻيون لکڻ، مضمون جوڙڻ، مقالا سٽڻ سان گڏوگڏ، ڪتابي شڪل ۾ آڻي، انهن کي ڇپرائڻ جو انتظام پڻ ڪندا رهن ٿا. ٻوليءَ کي لکت ۾ قائم رکڻ جو، اهو يقيني ذريعو آهي، جيڪو هو هٿان وڃائين نه ٿا.

Wednesday, June 9, 2021

چوڻ جهڙا لفظ - پھاڪن جي پوٽلي

چوڻ جهڙا لفظ - پھاڪن جي پوٽلي

مرقع اقوال و امثال

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



پهاڪا ۽ چوڻيون، منهنجو پراڻو موضوع رھيو آهي. منهنجي سڀ کان پهرين تاليف ”موتي“ (پهاڪن ۽ چوڻين جو مجموعو) ئي هئي. ان ڪتاب جي ڇپائي، منهنجي ڀاءُ سيد محمد بخاريءَ جي شوق جو نتيجو هئي. اھو پهريون ڀيرو، سال ۱۹۳۴ع ڌاري ۽ ٻيو ڀيرو منهنجي قائم ڪيل ”مڪتبئه جهان نما“ دهليءَ منجهان، سال ۱۹۳۸ع ڌاري شايع ٿيو هيو.

Monday, June 7, 2021

انتساب - پھاڪن جي پوٽلي

انتساب - پھاڪن جي پوٽلي

مرقع اقوال و امثال

سيد يوسف دھلوي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



اڄ قلم جو دماغ، پھاڪن ۽ چوڻين جي گلن جي خوشبوءِ سان واسيل آهي.

-                 اے گل بتو خور سندم تو بوئے کسے داری۔

-                 اي گل! تو مان خوش آھيان جو تو ۾ ڪنھن جي بوءِ آ.

Thursday, June 3, 2021

تحقيق جي روشنيءَ ۾ گل شڪر جو جائزو - ذوالفقار علي جلباڻي

تحقيق جي روشنيءَ ۾ گل شڪر جو جائزو

ذوالفقار علي جلباڻي



سنڌي زبان ۾ ڪيترن ئي عالمن جو علمي ۽ ادبي ڪم آڏو اچي ٿو. هر هڪ عالم ۽ اديب جي تخليقي، تحقيقي ۽ تنقيدي صلاحيت جو دارومدار سندن ڪتابن، مقالن ۽ مضمونن ۾ معلومات ڏيڻ جو طريقيڪار پنهنجو پنهنجو رهيو آهي. سنڌي ادب ۾، جن خدمتگارن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، تن عالمن جي ڪم جي قدرداني ڪرڻ جو اسان مٿان فرض عائد ٿئي ٿو. سنڌي ادب جي تاريخ، تهذيب، تمدن، سياسي، سماجي، مذهبي، سائنسي، ثقافتي، تعليمي، تحقيقي ۽ لوڪ ادب جو خزانو ڳولي هٿ ڪرڻ ڪو ايڏو آسان ڪم نه آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ملڪي ۽ صوبائي زبانن، ادارن کي ترقي ڏيارڻ جا خواهشمند آهن تن جي رات ڏينهن واري جدوجهد مانُ لهڻي ٿي. پراڻي دور ۾ سفري سهولتون بلڪل اڻانگيون هونديون هيون، انهن حالتن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي سڄڻن ڏور ڏيھ لتاڙي خزانن کي مختلف هنڌن تان ڳولي هٿ ڪري، تن وٿن کي محفوظ ڪيو آهي. اڄ اسان وٽ جيڪو سنڌ جي ادبي تاريخ جو سرمايو ۽ ميڙي چونڊي آهي، ان کي ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪنهن حد تائين محفوظ ڪيو ويو آهي، انهن عالمن کي اسان جي خوش آمد جي ڪا به گهرج ڪونهي ڪا. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هيءَ ڌرتي هتان جي رهواسين لاءِ جنت جي باغ مثل آهي. اسان جا سڄڻ جن هن سرهي باغ مان طرحين طرحين جي گلن، ٻوٽن، وڻن ۽ ولڙين جا واس وٺڻ لاءِ، سنڌ جو چپو چپو ۽ ماڳ مڪان گهمي ڦري سير سفر ڪيا آهن. جيڪو ڪجھ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو تن کي دلين ۽ ذهنن ۾ سانڍي، سيني ۾ محفوظ ڪري قلم ۽ قرطاس کان ڪم ورتو ۽ وٺي رهيا آهن. جيڪي واس وٺي پنهنجو وارو وڄائي ويا ۽ ورتل واس جي خوشبوءِ بابت پنهنجي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري اسان کي به معلومات ڏنائون ۽ ڏئي رهيا آهن. ملڪ جي خدمت ڪرڻ کان ڪوبه عقيدو رڪاوٽ نٿو بڻجي. سنڌ جي غير مسلم عالمن جيڪي هن ڌرتي لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون تن کي ڪير به فراموش نٿو ڪري سگهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڪشچند بيوس، نارائڻ شيام، هري دلگير، هري ڪانت، ڪوڙومل چندنمل کلناڻي، حشو ڪيولراماڻي، ننديرام ميرچنداڻي سيوهاڻي، نولراءِ اڌارام ٿانورداس، ديوان پرڀداس، خانچند درياڻي، ديوان هاسا رام، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، لالچند امرڏنومل، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، سوڀو گيانچنداڻي، جهمٽمل نارومل وسناڻي، ماستر ڄيٺانند، گوبند مالهي، ماسٽر چندر، راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند ڇاٻڙيا، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي، پرمانند ميوارام چوهڙسنگهه رامداس سوامي، هاسي ٻائي، ڪنور ڀڳت، ديوان ليلارام ڦيرواڻي، هولارام پورن، سنتداس ڀاٽيه، وينا شرنگي، ڪلا پرڪاش، پوپٽي هيراننداڻي، سوامي پرمانند آسراڻي، ڀگوانداس کتري، موهن ڪلپنا، کيئلداس فاني، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، ڊاڪٽر ستيش روهڙا، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي کان ويندي ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي جن جون انيڪ سنڌي نثر ۽ نظم ۾ خدمتون آهن ۽ انهن ادبي خدمتن جي جوهرن ۾ ڇا ڇا نه ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ جي تعليم، بابت جديد اسڪول، اسپتالون، فلاحي ڪم ڪيا ۽ مفت ۾ مريضن جو علاج ٿيو. سنڌي زبان جي خدمت لاءِ وڏا وڏا جتن ڪري ان جي لڪل ۽ وکريل وٿن کي محفوظ ڪيو ويو. سنڌي ويا ڪرڻ، سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، آثار قديمه، لغات، قصا، داستان، ڪهاڻيون، لوڪ ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ، اسٽيج ڊراما، آتم ڪٿائون جيون چرتر، رسالا، اخبارون، مخزنون، ناٽڪ منڊليون، ڊراميٽڪ سوسائٽيون، ادبي جماعتون، ڪتب خانا، ڇاپ خانا، بزم، مشاعرا ۽ درسي ڪتابن کان ويندي، سنڌ جي علم ادب ۾ پنهنجين ذهني ۽ فڪري صلاحيتن سان علمي ۽ عملي ڪم ڪري ڏيکاريو. اسان هتي هيٺ ڪتاب “گل شڪر” جو تحقيقي جائزو پيش ڪريون ٿا.