سنڌي ٻوليءَ ۾ پکين ۽
جانورن بابت پھاڪا ۽ چوڻيون.
خادم رند
1.
آپ پِنان، گهوڙا ڳِنهان. (پاڻ پني، گھوڙا ڳنھي. ورجيس)
2.
اُٺ ٻڍو ته به، ٻه ڪنواٽ لھي. (چوڻي/ پھاڪو)
3.
اٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي. (چوڻي/ پھاڪو)
4.
اُٺ پٺيان گِهنڊڻي. (اصطلاح)
5.
اٺ پنھنجي مُٽ ۾ ترڪي. (چوڻي/ پھاڪو)
6.
اُٺ پوي ڪڻڪ ۾ ته به ڪنڊا چُڻ چُڻ کائي. (عادت نه ڇڏي عادتي، علت مور نه
جاءِ، اٺ پوي ڪڻڪ ۾، ڪنٽا چڻ چڻ کاءِ. (ٿري، چوڻي)
7.
اٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اٺ ٿيو ھلڪو. (چوڻي/ پھاڪو)
8.
اُٺ جي چاڙھيءَ تي به لعنت، اٺ جي لاھيءَ تي به لعنت. (چوڻي/ پھاڪو)
9.
اٺ جي چوري، پکي ۾ ڇا لڪندي؟ (چوڻي/ پھاڪو)
10. اٺ جي وات ۾ زيرو (ھئڻ). (اصطلاح)
11. اٺ جي وات ۾ لوڻ وجھ ته به رڙي، ڳُڙ وجھ ته
به رڙي. (چوڻي/ پھاڪو)
12. اٺ چڙھيي، ڪڏهن نانگ کائي؟ (چوڻي/ پھاڪو)
13. اٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو،
محبوب کي ماڻو. (چوڻي)
14. اٺ نه پڄي، ٻورا لتاڙي. (ورجيس)
15. اُٺ نه پڄي، ھڻي ٻورن لتون. (ورجيس)
16. اٺين پيڙھيءَ اٺ جي، ماڪوڙو ماسات. (پھاڪو)