مون سنڌ اُڀرندي ڏٺي
سنڌ ھال آف ميرٽ: سڄاڻ سنڌي ماڻهن جي ڄاڻ جي انسائيڪلوپيڊيا.
عديل مھر
سنڌي ماڻهن جي روايتي تعارف ۾ اها اڻ وڻندڙ راءِ رکي ۽ لکي
ويندي آهي ته ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪندا، صلاحيت ڪونهين، افعال نه اٿن، محنت نه پڄندن، ڪم کان ٻرو چڙهندن،
کائڻ جا کَرا
ڪم جا ڪُرا، لڀي ڪين گهوڙي تي زِين، گهر کان واندا ٽڪاڻي داخل، ويٺا
حوال ڪٽيندءِ. گهر خالي، هوٽل ڀريل. اڌ ڪپ چانهه تي، سڄو ڏينهن چٽ! ٽوپي نراڙ تي، سندرو
ڊاڙ تي! اوڀاريون لهواريون، پرائي پچار، هِن هُن جي گلا، نه پاڻ ڪجهه ڪندا،
نه ٻين کي سهندا. زبان تي ضابطو نه رهندن. هڪ جو ٻيو وهي ويندن. خصيص ڳالهه
تي، دشمني پرائي ويهندا. دوستيون گهٽ، دشمنيون وڌيڪ نڀائيندا. پلوَ پراڻا نه ٿيندن.
من ۾ مير رکندا
ته وجهه ملندي وير وٺندا، چوندا؛ مڙس ته ڦَڏو، نه ته جڏي جو جڏو!!