سنڌي ٻوليءَ جا ڪجھ منفرد ۽ غير معمولي پهاڪا
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
پهاڪا ڪنهن به سڌريل ۽ ادبي
ٻوليءَ جي سونهن ليکجن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي پهاڪن متعلق ڪجھ لکڻ کان اڳ بهتر ٿيندو
ته لفظ پهاڪو جي معنى ۽ مفهوم بابت ڪجھ ويچار ونڊجن.
مرليڌر جيٽلي پهاڪي جي لفظي ۽ معنوي
ڇنڊ ڇاڻ ڪندي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي پهاڪا ۽ محاورا‘ ۾ لکي ٿو؛ ”سنڌي ۾ هڪ مصدر آهي
’پهڻ‘. ان جون مکيه معنائون آهن خيال ڪرڻ، فيصلو ڪرڻ، صلاح وٺڻ يا ڏيڻ، ملڻ، سرچڻ،
نبرڻ. لطيف سائين جي سٽ آهي ته ”پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ“.
پهاڪو لفظ جي اکري معنى آهي اهو
نُڪتو يا گفتو، جنهن ۾ ڪو اونهو خيال يا ويچار سمايل هجي. عام ماڻهن جي روزاني
جيوت ۾ اهو گفتو، صلاح يا هدايت طور ڪتب آندو وڃي ٿو، جن مان ٻين کي اڪثر صحيح واٽ
تي هلڻ جو اشارو ملي ٿو.