جھڙي ڪرڻي، تھڙي
ڀرڻي
ظھور احمد سولنگي
ڪنھن وقت جي ڳالھه آھي ته ھڪ
سوداگر پنھنجو سامان وڪرو ڪرڻ لاءِ ڏورانھين ڏيھ ڏانھن وڃي رھيو ھو. ھن جي ٻيڙو ھر
قسم جي سامان جھڙوڪ روغن، ماکي، گرم مصالحا، پستا، بادام ۽ قيمي ڪپڙن وغيره سان
ڀريل ھو. وڏي ڳالھ ته سوداگر وٽ ناياب قسمن جي ھيرن جي ھڪ ھڙ ھئي، جيڪا ھن کي پيٽ
سان ٻڌل ھئي، جيئن ڪو ڏسي ڦري نه وڃي، ٻيڙو ھلندو رھيو، پر ھنن جي منزل ڪيترائي
ميل ڏور ھئي. ھو جڏھن ٿڪبا ھئا ته، ڪنھن ٻيٽ تي لنگر ھڻندا ھئا ۽ پوءِ اڳتي وڌندا
ھئا.