پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري
وسعت الله خان
ڪوڙ: سچ جي ٻئي
رخ کي “ڪوڙ” چيو ويندو آهي. پر جيئن ته نج سون مان زيور ٺاهڻ لاءِ ان ۾ “کوٽ”
ملائڻي پوي ٿي، اهڙي ريت نج ۽ نبار ڪوڙ به اڄڪلهه ڪم نٿو اچي. سچ هجي يا ڪوڙ، اهي
نج استعمال ڪرڻ سان قبضي ڪن ٿا. تنهن ڪري ڪوڙ کي سچ ۾ ٿورو ٿورو ملائي، صبح شام
استعمال ڪرڻ، چوڻ ۽ ٻڌڻ وارن لاءِ وڌيڪ مفيد ۽ هاضم آهي.