وھي کاتي جا اصطلاح
وھي کاتي بابت دڪاندارن
۽ واپارين جي استعمال ايندڙ ليکي چوکي ۽ ڪاروباري اصطلاحن جو ٿيسارس (Thesaurus) الف-ب وار ۽ موضوعي
ترتيب سان
ترتيب ۽ تحقيق :
روحل
وهي-کاتو جنهن ۾ 'وهي' جي معنيٰ
ڪتاب ۽ 'کاتو' جي معنيٰ حساب آهي، هڪ ٻٽي داخلا وارو روايتي ڏيهي ڏيتي ليتي يا
اڪائونٽنگ جو نظام آهي، جيڪو صدين کان ڏکڻ ايشيا جا واپاري، هٽار ۽ ننڍن ڪاروبارن
جا مالڪ استعمال ڪندا اچن ٿا.
بنيادي اصول ۽
بناوت
• ڏيتي ليتيءَ وارو طريقو: هر مالي وهنوار کي ٻن کاتن ۾ لکيو ويندو آهي ته
جيئن حسابي برابري (اثاثا = اوڌر+ سيڙپ) برقرار رهي.
• جَمَعُ ۽ نام (نائين): کاتي ۾ ٿيندڙ داخلا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي؛
جَمَعُ (رقم جي وصولي يا آڳت وارو پاسو) جيڪو کاٻي پاسي هوندو آهي، ۽ نام يا نائين
پاسو (اوڌر يا ڏيڻي وارو حصو) جيڪو ساڄي پاسي هوندو آهي.
• تھ ڪيل پنا: هنن وهين جا وڏا ۽ بنا ليڪن وارا صفحا ڪالمَن بدران عمودي طور
اٺن حصن (شالُن) ۾ تھ ڪيا ويندا آهن. حساب جو ڪُل جوڙ (Total) بلڪل اتي لکيو ويندو آهي جتي لکت ختم ٿئي، نه ڪي ڪنهن مخصوص لڪير تي.
وهين يا کاتن جا
قسم
هڪ مڪمل وهي-کاتي جي نظام ۾
هيٺيون مخصوص وهيون شامل ٿي سگهن ٿيون:
• ڪچي روڪڙ وهي يا کرڙو: هي روزاني حساب جي وهي آهي جنهن ۾ روڪ رقم جي آمدني
(مرادي) ۽ خرچ جي داخلا ڪئي ويندي آهي.
• نقل وهي: هي خاص طور تي اوڌر تي ورتل مال (جمع نقل) ۽ اوڌر تي وڪرو ڪيل مال
(نام نقل) جي داخلا لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
• هنڊي وهي: هي وهي خاص طور تي هنڊين (Bills of
Exchange) جو رڪارڊ رکڻ لاءِ وقف هوندي آهي.
• مال (ميل) وهي: دڪان جي سامان يا موجود اسٽاڪ جو حساب ڪتاب رکڻ ۽ ميل ڪڍڻ
لاءِ استعمال ٿيندي آهي.
ثقافتي ۽ تاريخي
اهميت
• شروعات: ڪجهه تاريخي تحقيقن مان پتو پوي ٿو ته هي نظام اٽليءَ جي مشهور
’ڊبل اينٽري‘ طريقي (جيڪو لوڪا پيچيولي 1494ع ۾ متعارف ڪرايو) کان به قديم آهي.
• ظاهري سڃاڻپ: اهي وهيون يا ليکي پاڙ روايتي طور تي ڳاڙهي ڪپڙي (جنهن کي لال
وهي يا لال بندي چئبو آهي) ۾ ٻڌل هونديون آهن ۽ کين سٽ جي سڳي يا پُئڙي سان سببو
آهي.
• روحاني واسطو: نئين وهيءَ يا پنوتري جي پهرين صفحي تي برڪت ۽ ڪاروباري
واڌاري لاءِ دعا يا ڪنهن ديوتا جو نالو لکڻ عام روايت آهي.
وھي کاتي بابت
دڪاندارن ۽ واپارين جي استعمال ايندڙ ليکي چوکي ۽ ڪاروباري اصطلاحن جو ٿيسارس (Thesaurus) الف-ب وار ۽
موضوعي ترتيب سان
1. الف-ب وار ترتيب
(Alphabetical Order)
• آڳتِ ڪَرَڻُ: مليل رقم حساب ۾ داخل ڪرڻ يا دڪان ۾ اڌارو آيل سامان بنديءَ ۾
لکڻ.
• اوڌر جو کاتو: اوڌر جي داخلا لاءِ مخصوص ڪيل وهي.
• بَنديُون پَٽڻ: وهيون جانچڻ، ڦورو ڦولهڻ يا حساب جا عيب اگهاڙڻ.
• پَڪو روزنامچو: اها وهي جنهن ۾ ڪچي روڪڙ جون رقمون تاريخوار يا مهيني جي
آخر ۾ آڻجن پر تفصيل نه لکجي.
• پَنوتِري: فهرست، يا وهيءَ جي مُنڍ ۾ ڏنل تتڪرو.
• پُئَڙو: اهو ڌاڳو يا تار، جنهن ۾ دڪانداريءَ جا چٺا يا بل پوتا ويندا آهن.
• پيٽو: حساب ڪتاب جي بندي، يا اهو خانو جنهن ۾ رقمن جو وچور ملهه سميت لکيل
هجي.
• تَتِڪِرو: نالن لکڻ جو مختصر نمونو يا فهرست، جيڪا الف-ب وار ڳولڻ ۾ آساني
لاءِ ٺاهي وڃي.
• جَمَعُ: اها رقم جيڪا وصول ٿئي، يا وهيءَ ۾ آڳت وارو پاسو.
• ڏيتي ليتي: ڏيڻ وٺڻ جي حالت، واپار، ڪاروبار يا حساب ڪتاب.
• ڏيَوالو: مالي ٽوٽو، نقصان يا ناداري. قديم دستور موجب دڪان ۾ ڏينهن جو
ڏيئو ٻاري سڃائيءَ جو اعلان ڪرڻ.
• روزُ مَيلُ: روزاني آمدني، روڪڙ ۽ ڏيتي ليتي داخل ڪرڻ جو ڪتاب.
• روزنامِچو: واپارين جو روزاني حساب يا ڪارگذاريءَ جي داخلا جو ڪتاب.
• سُوڙِههَ بَندِي: روزاني بلن ۽ ڏيتي ليتي لکڻ جي چوپڙي يا کاتو.
• ڦَرُ / ڦرُ چرهُو: ڏيهي حساب موجب وهيءَ جي سري (Title) تي لکيل رقم.
• ڪَچِي وَهِي: روزاني حساب جي وهي جنهن ۾ رقم گهٽ وڌ ڪري سگهجي، جنهن کي
کرڙو به چئبو آهي.
• ڪاغَذُ ڪَرَڻُ: حساب ڪتاب جانچڻ، کنڌي جي لسٽ ٺاهڻ يا نفعي نقصان جي سُڌ
لهڻ.
• ڪَنَ جي ڪَسَرَ پُڇَ مَان ڪَڍَڻُ: هڪڙي نقصان واري سودي جي پورت ٺڳيءَ
ذريعي ٻئي سودي مان ڪرڻ.
• کاتو: ليکي جي وهي جنهن ۾ رقمون کتائبيون آهن، جنهن کي کنڌو يا خسرو به
چئبو آهي.
• کَتائِڻُ: روزنامچي تان رقمون کاتي واري وهيءَ ۾ نقل ڪرڻ يا داخل ڪرڻ.
• کَرڙو: حساب جو ڪچو ڪتاب جنهن ۾ بل پهريائين داخل ڪيا وڃن.
• لِکَڻُ: وهيءَ ۾ درج ڪرڻ، رجسٽر ڪرڻ يا نوٽ ڪرڻ.
• ليکاري: حساب ڪتاب رکندڙ، وهيون لکندڙ منشي يا ڪاتب.
• ليکو پائڻ: وهين ۾ ڪنهن خاص ماڻهوءَ جو حساب داخل ڪرڻ.
• ليکي پاڙُ: واپاريءَ جي حساب ڪتاب جو رجسٽر جنهن ۾ جدا جدا ماڻهن جا کاتا
هجن.
• مُرادِي: دڪاندار جي سڄي ڏينهن جي گڏ ٿيل روڪڙ رقم يا روزاني آوت.
• ميلُ: ڏيهي حساب جي اصطلاح ۾ دڪان جي ليکي جو ڪتاب يا وهي.
• ميلُ ڪَڍَڻُ: دڪان ۾ پيل سامان جو حساب ڪرڻ.
• نائِن پاسو: وهيءَ ۾ اوڌر لکڻ جي مخصوص جاءِ.
• وَهِنوارُ: ڏيتي ليتي، حساب ڪتاب جو ڪاروبار يا مالي رستو.
• هَٽارُ / هَٽ وارو: اهو دڪاندار جنهن وٽ کنڌو (Credit) هجي.
________________________________________
2. موضوع وار ترتيب
(Thematic Arrangement)
الف. وهين ۽
ڪتابن جا قسم (Types of Ledgers &
Books)
• کاتو / ليکي پاڙ: حسابن جو مستقل رجسٽر.
• ڪَچِي وَهِي / کَرڙو: روزاني حساب جو ڪچو ڪتاب.
• پَڪو روزنامچو: تاريخوار حساب جو مستند ڪتاب.
• سوڙهه بندي: روزاني بلن جي داخلا واري چوپڙي.
• روز ميل: روڪڙ ۽ آمدنيءَ جي داخلا واري وهي.
• اوڌر جو کاتو: اوڌر جي حسابن لاءِ مخصوص وهي.
ب. حسابي عمل ۽
لکت (Accounting Actions &
Entries)
• کَتائِڻُ / لِکَڻُ: رقمون وهيءَ ۾ درج ڪرڻ يا کاتن ۾ چاڙهڻ.
• ليکو پائڻ: ڪنهن ماڻهوءَ جو کاتو شروع ڪرڻ.
• آڳتِ ڪَرَڻُ: مليل رقم يا اڌارو مال داخل ڪرڻ.
• بنديون پٽڻ: حسابن جي جاچ پڙتال ڪرڻ.
• ميل ڪڍڻ / ميل مرادي جاچڻ: دڪان جي سامان ۽ پئسي جو حساب ڪرڻ.
ٻ. رقم، آمدني ۽
مالي حالتون (Finance & Status)
• مُرادِي: نقد روڪڙ يا ڏينهن جو وڪرو.
• جَمَعُ: وصول ٿيل رقم يا آڳت وارو پاسو.
• ڦَرُ: وهيءَ جي سري تي لکيل مخصوص رقم.
• ڏيَوالو: ڪاروبار ۾ مڪمل نقصان يا سڃائي.
• ڪن جي ڪسر پڇ مان ڪڍڻ: هڪ نقصان کي ٻئي مان ٺڳيءَ سان پورو ڪرڻ.
ت. انتظامي ۽ فني
اصطلاح (Organization & Technical
Terms)
• تتڪرو / پنوترِي: حسابن جي فهرست يا انڊيڪس.
• نائين پاسو: وهيءَ ۾ اوڌر لکڻ لاءِ مقرر ڪيل پاسو.
• پيٽو: رقمن جي وچور وارو خانو.
• پُئَڙو: بلن کي گڏ ٻڌڻ يا پوئڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ ڌاڳو.
ٿ. لاڳاپيل ماڻهو (Personnel)
• ليکاري: حساب رکندڙ منشي.
• هٽار / هٽ واڻيو: دڪاندار، خاص ڪري اهي جيڪي اوڌر (کنڌي) تي مال ڏين.
(ان ڊفينس آف سنڌي لئنگئيج فيسبڪ پيج تي ۱۲ اپريل ۲۰۲۶ع تي رکيل پوسٽ)
No comments:
Post a Comment