Thursday, August 6, 2026

لاک وڪامي سون برابر - يوسف جميل

 

لاک وڪامي سون برابر

(سنڌ، چوڻي)

يوسف جميل



لاک مان مراد لک (Lac) آهي، جيڪو هڪ قدرتي رال (Resin) آهي. اها هڪ ننڍڙي جيت (Lac insect) وڻن جي ٽارين تي پيدا ڪري ٿي. هن مان شيون جهڙوڪ شيلاک (Shellac)، وارنش، رنگ ۽ سينگار جون ڪجهه شيون تيار ڪيون وينديون آهن.


لاک لفظ جي لغت اندر ڏنل لغوي معنيٰ؛ ٻٻر جي وڻ جي ٽارين مان نڪتل ڳاڙهي رس. ڄؤ. سِيل مُهر ڪرڻ جي هڪ شيءِ. رنگ جو هڪ قسم، ڳاڙهو رنگ، قرمزي رنگ. صاف نه ٿيل پَٽُ يا ريشم. سورهن سينگارن مان هڪ سينگار جو سامان. ڳاڙهي رنگ جي ڳئون جو هڪ قسم.

پر هن چوڻي ۾ لفظ ”لاک“ پنهنجي مادي معنيٰ کان وڌيڪ محاوري طور استعمال ٿيو آهي.

”لاک وڪامي سون برابر“ جو مطلب آهي:

جڏهن ڪا شيءِ ناياب، قيمتي يا تمام گهڻي طلب ۾ هجي ته ان جي قيمت سون جي برابر ٿي وڃي ٿي. جيئن ڏڪار ۾ پاڻيءَ جي اهميت.

مطلب:

۱. ناياب شيءِ جو قدر وڏو ٿيندو آهي.

۲. صحيح وقت تي عام شيءِ به تمام قيمتي بڻجي سگهي ٿي.

۳. لاک لاھڻ. (ورجيس)

 

(گلشن لغاريءَ جي فيسبڪ پوسٽ ”لاک وڪامي سون برابر“ تي ڏنل ڪمينٽ)

No comments:

Post a Comment