Friday, January 3, 2014

جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا - ڊاڪٽر بشير احمد شاد


سنڌي ٻوليءَ ۾ جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
ڪنهن به سڌريل ۽ ساهيته ٻوليءَ ۾ پهاڪن کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. پهاڪا قوم جي سگهڙن ۽ سياڻن جي حياتيءَ جي تجربن جي روشنيءَ ۾ جڙي عوام الناس جي زبان تائين پهچن ٿا. پهاڪن جي انهن چند لفظن ۾ اهڙا ته معنيٰ جا موتي موجود هوندا آهن، جو عام انسان انهن تي عمل ڪرڻ سان ڪيترين براين کان بچي سگهي ٿو.


انسان جو زندگيءَ ۾ انسانن کان علاوه ٻي به ڪيتري مخلوق سان واسطو پوي ٿو. جيڪا سندس حياتيءَ تي بالواسطه يا بلا واسطه اثر انداز ٿئي ٿي. اهڙي مخلوق ۾ جانور، پکي پکڻ توڙي جيت جڻيا اچي وڃن ٿا. جيئن ته الله تعالى دنيا ۾ ڪا به شيءِ بي مقصد پيدا ڪو نه ڪئي آهي، تنهنڪري مذڪوره مخلوق جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي سياڻن ۽ سخنورن انهن جي گڻن ۽ اوگڻن کي نظر ۾ رکي پنهنجي زبان ۾ انمول پهاڪا جوڙيا. جن جي ظاهري معنيٰ پڌري هوندي آهي پر انهن پهاڪن جي اوٽ سياڻن ۽ سخنورن پندونصائح جا انبار ڏنا آهن. هتي فقط انهن جانورن، پکين ۽ جيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جيڪي هن مضمون جي پهاڪن ۾ آيل آهن. اهي پهاڪا اسانجي سنڌي ٻولي ۽ ادب جو حصو بڻجي ويا آهن.
جانور جو انسان جي زندگيءَ تي گهرو اثر آهي. سماجيات جي علم ۾ انسان کي پڻ ’سماجي جانور‘ سڏيو ويو آهي. اسان جي معيشت جو دارو مدار ڪافي حد تائين مختلف جانورن جي افزائش تي رهيو آهي. مثال ڍڳو، مينهن، ڳئون، رڍ، ٻڪري، اُٺ، گهوڙو، گڏهه وغيره اهڙا جانور آهن، جن جو انسان جي بقا ۽ معاشي ترقيءَ ۾ وڏو عمل رهيو آهي. ڍڳي ذريعي زمين کي هر ڏيئي اَنُ اپايو وڃي ٿو. مينهن، ڳئون، رڍ ۽ ٻڪري مان کير ۽ گوشت حاصل ڪري انسان پنهنجي خوراڪ جو بندوبست پئي ڪيو آهي. انهن جي کلن جي پڻ وڏي اهميت آهي. اُٺ، گهوڙي ۽ گڏهه کان سواري توڙي بار برداري جو ڪم ورتو وڃي ٿو. اُٺ کي ’ريگستان جو جهاز‘ سڏيو ويو. جڏهن ته گهوڙو ميدانِ رزم ۾ صدين تائين سپاهي جو ساٿي رهيو آهي. اهڙي طرح شينهن، هاٿي ۽ هرڻ جو پڻ انسان سان گهاٽو تعلق رهيو آهي. شينهن ۽ هاٿيءَ کي اسان فقط سرڪس تائين محدود رکي نٿا سگهون. شينهن جي کل ۽ هاٿيءَ جا هڏا مارڪيٽ جون ملهائيتون شيون آهن. هرڻ انسان جي مهانگي من پسند خوراڪ کان علاوه پالڻ/ ڌارڻ جي حوالي سان به وڏي ڪشش جو باعث رهيو آهي. گدڙ هڪ چالاڪ ۽ ڊڄڻو جانور آهي، ڪتو ۽ ٻلي پڻ پالتو جانور آهي جيڪي پنهنجن گڻن سبب انسان سان لاڳاپيل رهيا آهن. ڪتي کي وفادار جانور تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٻليءَ جون پڻ خوبيون ڳڻائي سگهجن ٿيون. پاڻيءَ جي جانورن ۾ واڳونءَ جو ذڪر اچي ٿو جنهن جو وير توڙي مڪر مشهور آهي. ادب ۽ ٻوليءَ جي ماهرن مٿين مڙني جانورن کي ٻوليءَ ۾ ضرب المثل طور ڪم آندو آهي. پاڻيءَ جي حوالي سان پلن ۽ کڳن کي پڻ پهاڪن ۾ آندو ويو آهي. پَلو وڏي لذيذ ۽ قيمتي مڇي آهي. کڳو سستو ۽ عام قسم جي جنس آهي تنهنڪري پلي جي اهميت اجاگر ڪئي وئي آهي.
مضمون ۾ جن پکين جو ذڪر آيو آهي تن ۾ ڪانءُ، چڙي (جھرڪي)، ڪڪڙ ۽ هنج اچي وڃن ٿا. ڪانءَ جي سياڻپ مشهور آهي پر سياڻو ڪانءُ ڪڏهن ٻه ٽنگو به ڦاسي پوندو آهي. چڙي هڪ ننڍڙو پر ڦڙت پکي آهي. هنجهه کي پکين ۾ وڏي اهميت ۽ معتبري حاصل آهي. ڪڪڙ اسان جي خوراڪ جي خاص اسمن منجهان آهي. ڪڪڙن جي غير معمولي افزائش سبب زرِ مبادله ڪمائي وڃي ٿي. مذڪوره پکين جي سندن خاصيتن سبب سنڌي پهاڪن جو موضوع بڻايو ويو.
جيتن ۾ وڇون ۽ نانگ کي پڻ پهاڪن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. جن ۾ انهن جي نقصانن متعلق ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح جُونءَ کي پڻ پهاڪي ۾ ڪم آندو ويو آهي.
هاڻي مٿي ذڪر ڪيل سمورن جانورن، پکين ۽ جيتن سان منسوب پهاڪا معنيٰ ۽ مطلب سميت پيش ڪجن ٿا.

1.    اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، لاهيءَ کي به لعنت.
معنى: اُٺ جڏهن چاڙهي تي چڙهندو يا لاهيءَ تي لهندو آهي ته ٻنهي حالتن ۾ سوار کي ڏکيو ڪندو آهي.
مطلب: لوٺئي ماڻهوءَ جي دوستي توڙي دشمني به اُٺ جي لاهي چاڙهي وانگر ڏکوئيندڙ هوندي آهي.
2.    اُٺ جي وات ۾ زيرو.
معنى: زيرو (جيرو) اُٺ جي وات ۾ چٻڻ ۾ ئي نه ايندو. هڪ ته سنهڙو آهي ۽ ٻيو ٿورو، جڏهن ته اُٺ کي خوراڪ لاءِ گهڻو گهرجي.
مطلب: مڻن جي هيراڪن جي سيرن مان پورت ڪا نه پوندي.
3.    اُٺ جي وات ۾ لوڻ وجهه ته به رڙي، کنڊ وجهه ته به رڙي.
معنيٰ: بي عقل ۽ منجھيل انسان جي دوستيءَ مان به جوکو ته دشمنيءَ مان به نقصان.
4.    اُٺ جي چوري پکي ۾ ڇا لڪندي.
معنى: اهو ڳجهه ڪٿان لڪي سگهندو جنهن جي پچار محفلن ۾ هجي.
5.    اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو.
معنى: چئني لاءِ چارئي شيون لازمي آهن.
6.    انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
معنى: اڻ ڄاڻ ٺهيل ڪم کي به بگاڙي ڇڏيندو.
7.    اُٺ چڙهيءَ به ڪڏهن نانگ کائي!
معنى: خدا تي توڪل ڪرڻ وارن کي ڪڏهن به نقصان ڪو نه رسندو آهي.
8.    اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٺ لهي.
معنى: تجربيڪار پير مرد عقل ۾ جذباتي جوانن کان گهڻو وڌيڪ هوندو آهي.
9.    ڀرئي اُٺ تان وِڃڻي لٿي ته به چڱي.
معنى: گهڻي قرض جي چوٽي ڊٿي ته به چڱي آهي. ڪجهه ته بار لٿو ڀائنبو.
10.                       جڏهن ٻورا ٿي سبيا تڏهن اُٺن ٿي رنو.
معنى: اڳ ڳڻتي ڪرڻ ضروري آهي، تنهنڪري ذهني طور تيار رهڻ کپي.
11.                       جيڏ اُٺ تيڏا لوڏا.
معنى: وڏن تي بار به وڏا هوندا آهن، ذميواريون هميشه وڏن کي ئي کڻڻيون پونديون آهن.
12.                       ٽٽونءَ کي ٽارو تازيءَ کي اشارو.
معنى: سياڻو ماڻهو اشاري مان سمجهي وڃي ۽ اياڻي ماڻهوءَ کي ڌڪن کائڻ بعد مس سمجهه ايندي آهي.
13.                       ڏُچر گهوڙو ۽ سُچر زال ٻئي ٻن پيا.
معنى: انسان کي هميشه معتدل رهڻ کپي نه گهڻو ڏُچر ۽ نه گهڻو سُچر ٿيڻ کپي.
14.                       پنهنجي ٿوري گڏهه کي به پيرين پئجي.
معنى: سياڻي ماڻهو جو ڪم آهي ته وقت پئي ڪميني ماڻهوءَ سان به هيٺاهين وٽِ وٺي منجهائنس ڪم ڪڍي وڃي ۽ پنهنجي شرافت به قائم رکي.
15.                       جَوَ ڍيري، گڏهه رکوال.
معنى: جَوُ گڏهه جي مرغوب غذا آهي ان ڪري جيڪڏهن جَوَن جي رکوالي گڏهه کان ڪرائبي ته خير ڪونهي. سو امانت جو ڪم خيانت ڪندڙ جي حوالي ڪبو ته اوس نقصان ٿيندو.
16.                       ڏنڀجي گڏهه سور ٿئي ساٽيءَ کي.
معنى: گندي ماڻهوءَ کي ڪئي جي سزا ملي ۽ شريف ماڻهو ان تي افسوس کائي.
17.                       سٻر سوٽو ساڻ ته گڏهه گوهي نه ڪري.
معنى: سست ۽ ڪم چور ماڻهوءَ لاءِ سزا ضروري آهي.
18.                       سَوَ ڪري سينگار ته به کودڙيءَ جو پٽ کودڙو.
معنى: ڪمينو ماڻهو چڱي پوشاڪ کي به خوار ڪندو.
19.                       گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي.
معنى: سياڻو ماڻهو پنهنجو قيمتي وقت ڪو نه وڃائيندو آهي، پر ڪم عقل ماڻهو اهڙو قيمتي وقت فضول مشغولين ۾ وڃائي ڇڏيندو آهي.
20.                       گڏهه کي به ڪوگج پائجي!
معنى: ڪميني ماڻهوءَ سان هرگز مهرباني نه ڪجي ورنه الٽو ڳچيءَ کان وٺندو.
21.                       گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو!
معنى: لُچي ماڻهوءَ مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ اجائي آهي.
22.                       اڃان مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رَڇَ.
معنى: پاڻيءَ کان اڳ ڪپڙا لاهڻ يا بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرڻ.
23.                       مينهن ڍائي هوري هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ڏي.
معنى: برباد انسان هوندي تي گهمنڊ ڪو نه ڪندو پر پوڍائو يا نو دولتو ڀانڀولجي ويندو.
24.                       نون ميهارن مينهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون.
معنى: اڻ تجربيڪار ماڻهو بي خبريءَ سبب ضرور ڪو نقصان جو ڪم ڪندو.
25.                       وئي سڱن کي ڪن به ڪپائي آئي.
معنى: لالچ بري بلا آهي. گهڻي جي ڪڍ پوڻ سان ٿورو به وڃائي ويهبو.
26.                       وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي.
معنى: ڏٻرو ڍور وسڪاري ۾ به جهنگ چرڻ نه وڃي سگهي ۽ سوڪهڙي جي حالت ۾ به بک مري. هيڻو ماڻهو نه ٿڌي سهي نه ڪوسي.
27.                       هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا.
معنى: ٻهروپيا ماڻهو ٻاهر هڪڙا ته اندر ٻيا هوندا آهن. جيئن لطيف سائين فرمايو: ’منهن ته موسيٰ جهڙو اندر ۾ ابليس.‘
28.                       بڇڙو ڪتو ڌڻي پُڻائي.
معنى: گندو ماڻهو مائٽن لاءِ به خواريءَ جو سامان پيدا ڪري ٿو.
29.                       تڪڙي ڪُتي انڌا گلر ڄڻي.
معنى: اجائي تڪڙ ڪرڻ سان اڃان ڪم رُلي ويندو آهي.
30.                       پاڻ نه پالي ڪتا ڌاري.
معنى: هوند آهر خرچ ڪرڻ گهرجي.
31.                       ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.
معنى: ڪمينو ماڻهو موچڙي کانسواءِ ٻي ٻولي ڪو نه سمجهندو آهي.
32.                       ڪتي جا ڏند گڏهه جو ماس.
معنى: بڇڙي کي بڇڙو ئي پُڄي سگهندو آهي.
33.                       ڪُتيءَ کي ڪنهن اُماڙ ڏني ته تارا ڏسي پئي ڊني.
معنى: ڊنل ماڻهوءَ تي سدائين خوف طاري هوندو آهي.
34.                       ڪتي جو پڇ ٻارنهن مهينا نڙ ۾ پوءِ به ڏنگي جو ڏنگو.
معنى: ڪمينو ماڻهو پنهنجي بڇڙاين کان هرگز باز نه ايندو آهي.
35.                       ڪُتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
معنى: ڪم ظرف انسان سان نيڪي اصل نه ڪجي جو اهو بنهه ڪو نه مڃندو.
36.                       ڪُتي جو ڪارو منهن، رِٻَ اوتري جي اوتري.
 معنى: عقلمند انسان ڪڏهن به ڪنهن سازشيءَ ۽ ويڙهائيندڙ جي چڪر ۾ ڪو نه ڦاسندو آهي. جنهن ڪري سازشيءَ کي شرمندگيءَ کڻڻي پوندي آهي.
37.                       ڪُتي به کاڌي ڪُک به نه ڀري.
معنى: بي ايمان ۽ حرصي انسان جي ڪڏهن به پورت ڪو نه پوندي آهي. تنهنڪري کپي ته ايمانداريءَ سان حاصل ڪيل ٿوري مان پورائو ڪجي.
38.                       ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائي کي ماس جي.
معنى: خود غرضي برو عمل آهي. جيڪو پنهنجي لاءِ نٿو چاهي سو ٻين لاءِ به نه گهرڻ کپي.
39.                       ٻڪري جنهن وڻ سان ٻَڌِجي تنهن کي کائي.
معنى: ڪم ظرف ماڻهوءَ جي فطرت نقصان پهچائڻ آهي، سو ضرور پهچائيندو.
40.                       جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪَنَ.
معنى: ڪن ماڻهن جي هر ڪنهن ڪم ۾ وِڏَ نڪري ايندي آهي.
41.                       جيري ڪاڻ ٻڪري نه ڪُهجي.
معنى: ٿوري فائدي لاءِ گهڻو نقصان نه ڪجي.
42.                       سڀ ڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگي.
معنى: جيڪو ڪندو سو لوڙيندو.
43.                       ٻلي شينهن پڙهايا، ڦر ٻلي ڪُن کا وڻ آيا.
معنى: بي شناس سان نيڪي ڪبي ته ڪم نڪتي کانپوءِ ڦيرائي ڳچي پڪڙيندو.
44.                       پنهنجي گهر ۾ ٻلي به شينهن.
معنى: ڪمزور ماڻهو به پنهنجي گهر ۽ تَرَ ۾ همٿ ڀريو ٿي ويندو آهي.
45.                       ست ڪُئا کائي ٻلي حج هلي.
معنى: ڏيکاءَ جي عبادت گناهه آهي.
46.                       ڪاڻياري ٻلي ڪُئي جي جوءِ.
معنى: ضرورتمند ماڻهو مجبور ٿئي ٿو.
47.                       جهڙا ڪانون تهڙا ٻچا.
معنيٰ: اولاد اڪثر پنهنجي والدين تي ئي ويندي آهي.
48.                       سياڻو ڪانون ٻه ٽَنگو ڦاسي.
معنى: پاڻ کي وڏو عقلمند سمجهڻ نه گهرجي، ڇو ته ڪڏهنن گهڻي سياڻپ ڳچيءَ پئجي ويندي آهي.
49.                       سُتي شينهن کي نه جاڳائجي.
معنى: پاڻ ڏاڍي سان هٿ نه اٽڪائجي.
50.                       دولتمند جا ڏاند ويامن.
معنى: ڀاڳوند کي هر هنڌان فائدو ملي.
51.                       ڏاند چڙهي ٿي ڏک ڏسي.
معنى: سُکَ ۾ ناشڪري ڪرڻ نه گهرجي.
52.                       رڍ اڳيان رباب  وڄائيندي ورهه ٿيا.
معنى: ڪم عقلن اڳيان عقل ۽ فهم جون ڳالهيون ڪرڻ اجايون آهن.
53.                       گدڙ گدڙ جي ڪُوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.
معنى: هي پهاڪو اتحاد جو عمدو مثال آهي ڇوته اتحاد ۾ وڏي برڪت آهي.
54.                       وڇ کير ڏي ته پوءِ مينهن ڇو ڌارجي.
معنى: جيڪڏهن ميٺ محبت سان ڪم نڪري ته هروڀرو تيک ۽ تاءُ نه ڏيکارجي.
55.                       هرڻي اڳئي نچڻي ويتر پَيس گهنڊڻي.
          معنى: بي ظرف انسان کي دولت هٿ ايندي ته اهو وڌيڪ ڀانڀولجي ويندو.
56.                       مادي ڪڪڙ به ڪڏهن بانگ ڏني!
معنى: بي همت ماڻهو مان ڪنهن غير معمولي ڪم جي اميد اجائي آهي.
57.                       هنجن سان حرص ڪري اڏاڻي چڙي. چڻو هوس چهنب ۾ سو به پيس ڪري.
معنى: پنهنجي وت وزن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي خواهش ڪبي ته اٽلو نقصان ٿيندو.
58.                       چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي چوڌاري.
معنى: وڃايل وٿ کي صحيح ڏِسَ ۾ ڳولهڻ گهرجي.
59.                       ڄاڻي وڇونءَ جو مَنڊ به نه، هٿ وجهي نانگ ۾.
معنى: اياڻو ماڻهو پاڻ کي سياڻو سمجهي وت کان وڌيڪ ڪم ۾ هٿ وجهي.
60.                       مور چڱو پرپير ڏنگا.
معنى: عيب کان ڪو به خالي نه آهي.
61.                       پَلا ڇڏي پاپي ڪو کٽل کڳا کائي.
معنى: بي شُڪريءَ جو مظاهرو نه ڪجي. الله تعاليٰ ڏئي ته سکيو گذران ڪجي.
62.                       گنجي جي مٿي ۾ جونءَ نه لِيکَ.
معنى: جيڪو مايا جي موهه کان پري رهندو تنهن کي ڏڪار سڪار جي ڳڻتي ئي ڪا نه هوندي.
63.                       گدڙ ڊاک نه پُڄي آکي ٿُو کٽا.
معنى: ڪم ڪرڻ جي سگهه نه هجي ۽ فقط بهانا تلاش ڪجن.
64.                       نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي.
معنى: سلڇڻو ماڻهو ڳڻ سيکارڻ سان سکي ويندو پر ڪُلڇڻي کي سيکارڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
65.                       ويهي درياء جي ڀرتي، وجهي واڳونءَ سان وير.
معنى: پاڻ ڏاڍي سان هٿ اٽڪائڻ مان اوس نقصان ئي پلئه پوندو.

27 comments:

  1. folder lock crack Thanks for this post, I really found this very helpful. And blog about best time to post on cuber law is very useful.

    ReplyDelete
  2. camtasia studio crack Thanks for sharing such great information, I highly appreciate your hard-working skills which are quite beneficial for me.

    ReplyDelete
  3. Such a nice and helpful piece of information. I’m so happy that you shared this helpful information with us. Please keep us up to date like this. Thanks for sharing. dvdvideosoft-crack

    ReplyDelete

  4. tenorshare-reiboot-pro-crackcould be the hottest app with different powerful attributes for fixing any i-OS apparatus problems. With only two or three clicks published from the Tenorshare, the consumer may repair their i-OS appliance Using this specific particular program.
    new crack

    ReplyDelete
  5. https://sindhinewsonline.blogspot.com/2016/05/hala-tairekh-malat-news.html?showComment=1623644594343#c3214814203324168239

    ReplyDelete
  6. I am sure this post has touched all the internet visitors, its really really fastidious piece of writing on building up new website.
    4k video downloader crack
    bluebeam revu mac crack
    bartender software crack free download
    mocha pro crack
    netlimiter pro serial
    Crack Like

    ReplyDelete
  7. We are fortunate to be able to witness and work amongst an industry expert such as you.
    folder lock crack
    poweriso crack

    substance designer crack

    ReplyDelete
  8. Great post, but I wanted to know if you can write
    something else on this topic? I would really appreciate it if you can explain this.
    A bit more. Appreciation
    windows 7 starter crack
    nero platinum crack
    pdf shaper professional crack
    movavi photo editor crack

    ReplyDelete
  9. how to get voicemod pro for free 2019 The clients get 100% unique Microsoft permit that can be actuated straightforwardly on the authority Microsoft site. Besides, it offers a lifetime permit which demonstrates that it doesn't offer a membership administration and doesn't expect one to recharge it time for an expense.

    ReplyDelete
  10. Please let me know if you’re looking for an author for your weblog.
    You have some really good posts and I believe I would be a good asset.
    If you ever want to take some of the load off, I’d love to
    write some content for your blog in exchange for a link back to mine.
    Please send me an email if interested. Thanks!
    tweakbit fixmypc crack
    final draft crack

    ReplyDelete
  11. You are so interesting! I don't think I've read anything like this before.
    It's great to find someone with real ideas on this topic. Indeed ... thank you very much for starting.
    This site is something needed on the internet, not real!
    wondershare filmora crack
    f secure internet security crack
    apoweredit crack
    avira antivirus pro crack

    ReplyDelete
  12. Hello there, I just discovered your blog on Google, and I like it.
    is quite useful. I'll keep an eye out for brussels sprouts.
    If you keep doing this in the future, I will be grateful. A large number of people will profit.
    based on your writing Cheers!
    luminar photo editor crack
    apowerpdf crack
    recover my files crack
    microsoft visio pro crack

    ReplyDelete
  13. It is not difficult to see such a beautiful place.
    Time is of the essence in life, so stay in touch with us and help write a biology paper as soon as you have a biology essay.
    We have been helping students around the world for the past six years and look forward to continuing.
    avast cleanup crack
    file magic gold edition crack
    serif affinity designer crack
    tuxera ntfs crack

    ReplyDelete
  14. I like this article. I was searching over search engines and found your blog and it really helps thank you very much
    AOMEI back upper pro crack can clone a disk or partition as well if that’s a need for the user, AOMEI back upper pro crack amazing tool support Microsoft Volume Shadow Copy Service (VSS) so that backups and cloning can be done without interrupting any application. AOMEI back upper pro crack means is that you can relax and keep using your computer while it’s doing the job. Isn’t that wonderful. AOMEI back upper pro crack

    ReplyDelete
  15. You are so interesting! I don't think I've read anything like this before. It's great to find someone with real ideas on this topic. Indeed ... thank you very much for starting. This site is something needed on the internet, not real!
    This is a great blog! Your site is loading too fast!
    What type of web server do you use? Can you send me an affiliate link for your web host?
    1clipboard crack
    inpixio photo clip crack
    guitar pro crack
    aiseesoft screen recorder crack

    ReplyDelete
  16. Excellent post! We will be linking to this great post on our site. Keep up the good writing.This is one of the best posts in the world I am very happy to you share this post was very impressive for the people.
    Zombie Army 4: Dead War Crack
    Craftopia Crack
    easy cut studio crack
    Assassin's Creed Valhalla Crack

    ReplyDelete

  17. BurnAware Professional Crack

    From this link you can get softwares free for lifetime.

    ReplyDelete